ملير (ڊ ر) ڪراچي جي وڪيلن آئيني ترميم، آئيني عدالت جي قيام ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس خلاف اڄ 11 وڳي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان وڪلا ايڪشن ڪميٽي جي باني ميمبر ايڊوڪيٽ محمد اشرف سمون ميمبر سنڌ بار ڪائونسل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آئيني ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ جا اختيار ختم ڪرڻ لاءِ سياسي بنيادن تي وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي پئي وڃي، ججن کي سياسي بنيادن تي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، اها آئيني ترميم عدالتي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندي، ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ججن جي توهين ڪئي پئي وڃي ۽ عدليه کي ورهائي انصاف جي اهم اداري کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن کي وڪيل برادري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون چيو ته سينيئر ۽ معزز جج منيب اختر کي ججز ڪميٽي مان هٽائڻ سينيئر ججن جي توهين آهي، حڪومت من پسند ججن ذريعي ملڪ ۾ ڪرپٽ مافيا مسلط ڪرڻ چاهي ٿي ۽ آرٽيڪل 63 اي کي تبديل ڪري ملڪ ۾ ڪرپٽ مافيا مسلط ڪرڻ چاهي ٿي.