اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سدائين اصولن تي ٻڌل سياست ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ محسن نقوي مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي ۽ کيس بنا مقابلي جَي يو آءِ جو سربراهه چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.
ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جهموري قدرن لاءِ مولانا فضل الرحمان ساراهڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي.
محسن نقوي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ جي يو آءِ هميشه اصولن تي ٻڌل سياست ڪئي آهي، سندس پارٽي ۽ پاڪستان لاءِ لازوال خدمتون رهيون آهن.
You might also like