قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري پاران پارلياماني اڳواڻن جي اِن ڪئمرا اجلاس جون خبرون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي سيڪريٽريٽ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪرڻ جو في الحال ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو .
قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري چيو ته ان حوالي سان جيئن ئي ڪو فيصلو ٿيندو ان جو باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس بابت ان کان اڳ ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته ان کان اڳ اِها خبر سامهون آئي هئي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ٻه آڪٽوبر تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻن جو اِن ڪئمرا اجلاس طلب ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.