رجني ڪانت جي طبعيت بگڙجي وئي، اسپتال داخل

چنائي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ليجنڊري اداڪار رجني ڪانت جي طبعيت بگڙجي وئي جنهن کانپوءِ کيس استپال منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪار رجني ڪانت کي سومر جي رات چنائي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
رپورٽس موجب، رجني ڪانت کي معدي ۾ تڪليف سبب اسپتال آندو ويو هو، سندس طبعيت بهتري اچي رهي آهي ۽ کيس جلد ڊسچارج ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ڀارتي رياست تامل ناڊو جي وڏي وزير رجني ڪانت جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
رجني ڪانت جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سندس مداحن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي، ڪيئي واهپيدارن مختلف سوشل ميڊيا تي اداڪار جي صحتيابي لاءِ دعائون ڪندي پنهنجا پيغام شيئر ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.