ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني ترميم بابت موجودا چيف جسٽس لاءِ جدوجهد ناهيان ڪري رهيو، منهنجي نه اوهان جي ايجنڊا ڪنهن شخصيت لاءِ ٿي سگهي ٿي تنهنڪري مون کي ڪو مسئلو ناهي انهن ٻن ججن مان ڪو به اچي آئيني عدالت ۾ ويهي.
ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته 1973 واري آئين کي ميثاقِ جهموريت جي ذريعي بحال ڪيو، آمر جي ڪاري قانون کي غير قانوني چوڻ جي ڪنهن جج ۾ جرئت نه هئي، پر سياسي ماڻهن ان وقت ظلم ڀوڳي رهيا هئا، منهنجي پيءُ ڪنهن سزا کانسواءِ قيد ڀوڳيو، تنهن وقت به اِهو ئي عدالتي نظام هو، مڪمل انصاف ڪٿي هيو؟
پ پ چيئرمين چيو ته آئيني ترميمن بابت مان موجودا چيف جسٽس لاءِ جدوجهد ناهي ڪري رهيو، منهنجي نه اوهان جي ايجنڊا ڪنهن خاص شخص لاءِ ٿي سگهي ٿي، پهريون ڀيرو جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور جي زماني ۾ اميد نظر اچي رهي آهي، مون کي ڪو مسئلو ناهي انهن ٻنهي ججن مان ڪو به اچي آئيني عدالت ۾ ويهي.
بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن آئين چوي ته آئيني عدالت هوندي ته اوهان کي مڃڻو پوندو، عدالت جو ڪم آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، اسان ٽيهه ورهين جي جدوجهد کانپوءِ اِهو فيصلو ڪيو ته آئيني عدالت ٺهي، ملڪ ۾ ڪنهن کي مقدص ڳئون نه بڻجڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته چاهيان ٿو ته صوبائي سطح تي به آئيني عدالت هجي، اسان هنيئر تائين جيڪو حڪومت سان طئي ڪري چڪا آهيون اها وفاقي آئيني عدالت آهي، اسان چئي رهيا آهيون ته ڪميٽي اتفاق راءِ سان جج جو فيصلو ڪري، ڪميٽي جنهن کي اتفاق راءِ سان جج بڻائي تنهن کي ئي جج بڻجڻ گهرجي، اسان اهڙو نظام ٺاهينداسين جيڪو اسان کي تحفظ ڏياري سگهي.
You might also like