اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ليفٽيننٽ جنرل محمد علي سيڪريٽري دفاع جو عهدو سنڀالي ورتو .
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف طرفان گذريل هفتي نئين سيڪريٽري دفاع جي 2 سال ۽ 3 مهينن لاءِ مقرري ڪئي وئي هي.
ليفٽننٽ جنرل محمد علي 31 ڊسمبر 2026 تائين سيڪريٽري دفاع طور خدمتون انجام ڏيندو.
ذريعن موجب، ليفٽيننٽ جنرل (ر) حمود الزمان جي سيڪريٽري دفاع طور ٻه سالا مقرريءَ وارو مُدو آگسٽ ۾ ختم ٿي ويو هو، ان کانپوءِ بچاءُ واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪيو ويو هو.
You might also like