سچن ٽنڊولڪر جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي جو اعلان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جي مداحن لاءِ هڪ سٺي خبر سامهون آئي ته هو سچن ٽنڊولڪر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ايڪشن ڏسندا.
ڪرڪيٽ ۾ ڪيئي رڪارڊ ٽوڙيندڙ سچن ٽنڊولڪر هڪ ڀيرو وري ميدان ۾ بيٽنگ ڪندي نظر ايندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 11 ورهيه اڳ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوندڙ سچن ٽنڊولڪر هلندڙ سال نومبر ۾ شيڊيول انٽرنيشنل ماسٽر ليگ ( آءِ ايم ايل ) ۾ حصو وٺندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽورنامينٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڀارت، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شامل هونديون.
جيتوڻيڪ ٽورنامينٽ جي حتمي شيڊيول جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر امڪان آهي ته ميگا ايونٽ جون ميچون ممبئي، لکنئو ۽ راءِ پور ۾ کيڏيون وينديون.
ٽورنامينٽ ٽي ٽوئنٽي شوقينن کي پنهنجي پراڻي فيورٽ رانديگرن کي هڪ ڀيرو وري ايڪشن ۾ ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سچن ٽنڊولڪر ليگ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪرڪيٽ نه رڳو ڀارت پر سڄي دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ شوقينن جي دلچسپي ۾ اضافو ڪيو آهي.
هن چيو ته رانديگر ڪڏهن به دل سان رٽائر ناهن ٿيندا، اسان ساڳي ئي جذبي سان آءِ ايم ايل ۾ ايڪشن ۾ نظر اينداسين.
ياد رهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ سچن ٽنڊولڪر 2013 ۾ هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، رٽائرمينٽ کانپوءِ سچن ڪيئي نمائشي ۽ خيراتي ميچن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.