لٽل ماسٽر جي نالي سان مشهور ڀارت ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين بيٽر سچن رميش ٽنڊولڪر جو سڀ کان گهٽ ۾ اننگز ۾ 27 هزار رنسون ٺاهڻ وارو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.
ٽنڊولڪر جو اِهو رڪارڊ ڪنهن ٻئي نه پر ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ئي ٽوڙيو آهي جنهن عالمي ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اننگز ۾ 27 هزار رنسون ٺاهڻ جو اعزاز ماڻيو آهي.
ويرات ڪوهلي بنگلاديش خلاف ڪانپور ٽيسٽ ۾ 47 رنسن جي انگنز کيڏي، جنهن دوران هن عالمي ڪرڪيٽ ۾ ستاويهه هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، هو اِهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ دنيا جو تيز ترين بيٽر آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پنج سئو چورانوي انٽرنيشنل اننگز ۾ ستاويهه هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن جڏهن ته ان کان اڳ اهو رڪارڊ سچن ٽنڊولڪر وٽ هو جنهن سال ٻه هزار ست ۾623 انٽرنيشنل اننگز ۾ 27 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.
عالمي ڪرڪيٽ ۾ 27 هزار رنسون ٺاهيندڙ رانديگرن ۾ ٽنڊولڪر کانسواءِ اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ۽ سريلنڪا جو ڪمار سنگاڪارا شامل آهن.
ٽنڊولڪر هاڻ به عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ سرفهرست آهي، 1989 ۾ ڪيريئر شروع ڪرڻ کان 2013 ۾ رٽائرمينٽ تائين ٽنڊولڪر ٽنهي فارميٽس ۾ چوٽيهه هزار ٽي سئو ستونجاهه رنسون ٺاهيون.
ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ اٺاويهه هزار، 16 رنسن سان سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان ڪمارا سنگاڪارا جو ٻيو نمبر آهي جڏهن ته رڪي پونٽنگ ستاويهه هزار چار سئو ٽياسي رنسون ٺاهي ٽئين نمبر تي موجود آهي.
اهڙي ريت ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ به ٽنڊولڪر وٽ آهي جنهن جو انگ سئو آهي جڏهن ته ويرات ڪوهلي 80 سينچرين سان ٻئي نمبر تي آهي.
You might also like