هاڻي جي ميل اوهان جي سوچ پٽاندڙ اي ميل جو جواب لکندو

گوگل ڪجهه عرصو اڳ جي ميل لاءِ جيمنائي سائيڊ پئنل متعارف ڪرايو هو، ان وقت ڪمپني طرفان ٻڌايو ويو هو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) چيٽ بوٽ تمام جلد اي ميل سروس ۾ سمارٽ ريپلائيز جي فيچر سان ليس هوندو.
هاڻ ڪمپني طرفان اِهو فيچر واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي سندن لاءِ اي ميل جو جواب لکڻ انتهائي سولو بڻجي ويندو.
واضح رهي ته جي ميل ۾ 2017 کان سمارٽ ريپلائيز وارو فيچر موجود آهي پر هنيئر تائين اِها سروس ڪافي محدود هئي.
عام طور تي هڪ جملي ۾ صارف کي جواب ڏنو ويندو هو پر جيمنائي تي ٻڌل سمارٽ ريپلائيز وارو فيچر اي ميل جي مواد کي نظر ۾ رکندي تفصيلي جواب فراهم ڪندو.
جيتوڻيڪ صارف اِهو جواب پنهنجي مرضي موجب تبديل ڪري سگهي ٿو پر اي آءِ ٽيڪنالوجي طرفان ڪوشش ڪئي ويندي ته اهڙو جواب لکيو وڃي جيڪو واهپيدارن جي ذهن مطابق هجي.
نئين فيچر تحت مختلف رسپانس آپشنز صارف کي دستياب هوندا جن جا تفصيلي پريويو ڏسي اوهان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگهندئو.
اِهو فيچر جيمنائي بزنس، ايجوڪيشن يا ايجوڪيشن پريميئم جي واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو، يعني في الحال اِهو فيچر مفت جي ميل استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي دستياب نه هوندو پر امڪان آهي ته تمام جلد اِهو فيچر سمورن واهيپدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.