اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف جي سخت شرط سان ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان اقتصاديات ۽ زرعي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته زرعي شعبي تي ٽيڪس، سبسڊيز ۽ امدادي قيمتن جو خاتمو زرعي شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جيڪڏهن سخت شرطن تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ آءِ ايم ايف قرضن جي قسط روڪي ڇڏيندو، زرعي ماهرن موجب في ايڪڙ پيداوار تي ايندڙ خرچن ۾ واڌ ۽ وڌيڪ منافعي وارن فصلن جي پوکي سان بنيادي خوراڪ جي پوکي ۾ گهٽتائي ٿيندي جيڪا خوراڪ جي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿي.