اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت 8 سيپٽمبر تي سنگجاني جلسي ۾ رياست مخالف تقريرن جي معاملي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سخت ايڪشن تي غور شروع ڪندي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي. ذريعن موجب جلسي ۾ ڪيل تقريرن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ تي مشاورت ڪئي پئي وڃي.