پوليس ڊاڪٽر شاهنواز جا قاتل پڪڙڻ ۾ ناڪام، سنڌ جو مستقبل محفوظ بڻايو: وارث

عمرڪوٽ/ ميرپورخاص(نمائندا) سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو پوليس مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص زبير دريشڪ جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، پوليس ذريعن موجب جاچ ڪاميٽي پاران ڪيس جي وڌيڪ جاچ جي حوالي سان وڌيڪ ڪاميٽيون جوڙڻ لاءِ مشورا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته  ڪيس جي موجوده جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پڻ گذريل ڏينهن ڪيس جي جاچ شروع ڪندي سرزمين جو دورو ڪري مشيرنامو ٺاهيو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ٻڌايو ته آءِ او طور مون فريادي سان رابطو ڪيو آهي، مشيرنامو ٺاهڻ سان گڏ ڪيس جي مختلف رخن تي جاچ شروع ڪئي آهي، آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي کان وڌيڪ هدايتون ملڻ بعد جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو، اڃان تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي سگھي. ٻي طرف عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر جي لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار لکمير، ارشد، فقير محمد، سليم، معسوق، مظهر، دائود سميت وڌيڪ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي  4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ، جڏهن ته پوليس موبائيل ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار شڪيل، ساحل، صدام، بلاول، ايان، شاهد ۽ الطاف سميت 9 جوابدارن کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي عدالت 9 ڏينهن لاءِ جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري ۾ سينٽر جيل ميرپورخاص نيو ويو.عمرڪوٽ جي نمائندي موجب ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس نامزد ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ان سلسلي ۾ ڪيس جي فريادي مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي سالي وڪيل ابراھيم ڪنڀر جو چوڻ هو ته پوليس اڃا تائين جوابدارن جي گرفتاري ۾ اڳڀرائي نه ڪري سگھي آهي، شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سنڌ جي ماڻھن جو مستقبل محفوظ بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليس جي حراست ۾ بيگناھه ماڻھن کي مارڻ وڏي ناانصافي آھي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ادارن کي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ماڻھن کي ڌمڪايو وڃي ٿو ۽ پوليس پنهنجون ذميواريون پوريون ته نٿي ڪري، پر پوليس آفيسر پنهنجي ذميوارين جي ابتڙ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري داد حاصل ڪن ٿا. رياست کي پنھنجي رٽ قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻھن کي انصاف ملي سگھي. پوليس جي اھڙي ڪڌي عمل خلاف اسان ھر محاذ تي آواز اٿارينداسين. هن خدشو ظاهر ڪيو ته شرپسند مقتول ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪيس کانپوءِ سوشل ميڊيا تي انتشار پکيڙي ڪيس کي خراب ڪرڻ چاھين ٿا، انھن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ياد رهي ته جمعي جي ڏينهن 27 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي ايف آءِ آر سندس سالي ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر جي فرياد تي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ معطل ٿيل ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، معطل ٿيل ايس ايس پي ميرپورخاص محمد اسد علي چوڌري، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، سي آئي اي انچارج ميرپورخاص عنايت زرداري، ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو، ڊي آئي بي انچارج دانش ڀٽي، پير عمر جان سرهندي، مولوي احمد شاهاڻي، مولوي رياض پنهور، ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ريڊر عبدالستار سمون، نادر پرويز، غلام قادر، فرما علي، لکمير ۽ محمد صديق جوابدار طور شامل آهن، پر سنڌڙي پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي.

  • جسقم پاران 27 آڪٽوبر تي عمرڪوٽ ۾ پيغام سنڌ مارچ جو اعلان

ملير (ڊ ر) سنڌ صوفين، عالمن جو ديس آهي، 27 آڪٽوبر تي عمر ڪوٽ ۾ پيغام سنڌ مارچ جو اعلان ڪيان ٿو، اهڙو اعلان جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ صوفين، درويشن، عالمن جو ديس آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انتها پسندي قبول ناهي، تنهن ڪري 27 آڪٽوبر تي عمرڪوٽ ۾ سائين جي ايم سيد، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مخدوم بلاول، شاھ عنايت شهيد ۽ ٻين اهڙن عالمن جو پيغام کڻي عمر ڪوٽ پهچي پيغام سنڌ مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ سنڌو درياھ مٿان 6 نوا ڊيم ٺاهڻ جي رٿا بندي ڪئي وئي آهي، پاڻي ورڇ واري اداري ارسا ۾ ترميمون ڪري هيل تائين ٿيل سمورن پاڻي معاهدن کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن تي خاموشي اختيار ڪئي وئي ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي بدران رڳو واري اڏامندي نظر ايندي ۽ سنڌ جنهن جو گذر معاش ئي زراعت تي آهي، جيڪو سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب مڪمل تباھ ٿي ويندو، تنهن ڪري سنڌو درياءُ مٿان ڊيمن ،ڪينالن ٺاهڻ جو راڳ بند ڪيو وڃي،

  • پٽ جي لاش کي ڍال بڻايو جيئن سنڌين کي رهڙ به نه اچي: والد

ڪراچي(م ڊ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي والد صالح محمد جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي پٽ جي موت تي تعزيتون وصول ڪرڻ لاءِ گهر ۾ انتظام  ڪيا هئا ڇاڪاڻ ته مقامي مذهبي اڳواڻن سختي سان تبيهه ڪئي ته ڪوبه ٻاهر نه ويهي. شروع ۾ ته ڪو به تعزيت لاءِ نه ايندو هو، پر سول سوسائٽي ۽ قومپرست ڪارڪنن جي حمايت کانپوءِ ماحول بدلجي ويو، ان کان پوءِ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه رابطو ڪيو ۽ چيو ته اوهان تعزيت گهرن کان ٻاهران ڪريو، پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪندي.بي بي سي موجب صالح محمد چاهي ٿو ته ’منهنجي پٽ جي لاش کي باقي نسلن لاءِ ڍال طور استعمال ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي رهڙ به نه اچي.ڊاڪٽر شاهنواز جي بيواهه نعمت جو چوڻ آهي ته هينئر به خوف آهي پر هن کي جيڪا همت ملي آهي اها سنڌ جي ماڻهن جي ڪري ملي آهي ۽ اڄ هوءَ بي خوف آهي.هوءَ چوي ٿي ته اسان ايترا مايوس هئاسين جو سوچي به نه سگهياسين ته هاڻي ڪجهه ٿيندو. پر سنڌ جي ڀينرن، ڀينرن ۽ مائرن اسان کي همٿايو.هاڻي آئون بي خوف آهيان ۽ پنهنجي مڙس جي بيگناهي ثابت ڪرڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان.”شاهنواز جي امڙ جو چوڻ آهي ته پٽ جا ٻه خواب هئا هڪ ڀيڻ جي شادي ٻيو سندس پٽ جي دل ۾ سوراخ جو ڀارت ۾ علاج ڪرائڻ هو پر هاڻي ڪير ڪرائيندو.

  • اقليتي آبادي وارو شهر عمرڪوٽ ٽائم بم تي بيٺل ؟

ڪراچي(م ڊ) اديب مير حسن آريسر جو چوڻ آهي ته 17  سيپٽمبر کان 22 سيپٽمبر تائين هن عمرڪوٽ جو اهڙو خوفناڪ منظر پهريون ڀيرو ڏٺو. جنهن طرح خيرات ورهائجي ٿي، ايئن پيٽرول جون بوتلون ورهايون ويون ته جيئن ڊاڪٽر جو لاش اچي اهو ساڙيو وڃي.مير حسن آريسر جو چوڻ آهي ته ”جڏهن اسين مسلمان ڊڄي رهيا هئاسين ته تصور ڪريو ته هندن جو ڇا حال هوندو؟ هن چيو ته اقليتي اڪثريت وارو شهر عمرڪوٽ ٽائم بم تي بيٺل آهي، ٽائيم بم جي وقت جا ڪانٽا آخري پوائنٽ طرف وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن عقل کان ڪم نه ورتو ويو ته وڏو نقصان ٿيندو، نامياري شاعر حاجي ساند چيو ته چار پنج ڏينهن قيامت جي ڏينهن کان گهٽ نه هئا، واقعي جا گهرا اثر پوندا.

  • لطيف جي سنڌ ڌرتي انتهاپسندي برداشت نه ڪندي: لال جروار

ملير (ڊ رس) ملير بار ايسوسيئيشن طرفان لطيف ڏانھن لاڙو جي سري ھيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار چيو ته لطيف جي امن پسند، انسان دوست، وطن دوست پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف جي شاعري هر وقت جي ظالمن ۽ جابرن اڳيان للڪار بڻجي ٿي، لطيف پنهنجي شاعري وسيلي انتهاپسندن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي لطيف جي امن جي نگري ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن کي گلن جا هار پارائي، عدالتن کان مٿانهين قتل جا جشن ملهايا. ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. لطيف جي سنڌ انتهاپسندي کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتن کان مٿانهان قتل ڪرڻ تي اڪسائيندڙ ۽ سوشل ميڊيا تي قاتلن جي حمايت ۾ پروپيگينڊا ڪندڙ انتهاپسندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

  • ڊاڪٽر شاھنواز واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين: کٽومل

عمرڪوٽ: پيپلزپارٽي جي سينيٽر پونجو مل ڀيل ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي تڏي تي پھچي وارثن  سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي پونجو مل ڀيل صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل تي ڏک پھتو آھي، پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت سندس وارثن سان گڏ آھي، ساڻن انصاف ٿيندو، پ پ جي جمھوري حڪومت ۾ عوام جي حقن جو دفاع ٿيندو. عوام جو تحفظ اسان جو منشور آھي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر منھنجو ڳوٺائي ھو اسان ۽ سندس والدين ھر ڏک سک ۾ سدائين گڏ رھيا آھيون، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي المناڪ موت تي ڏک پھتو آھي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.