پي ٽي آءِ جو پنڊي احتجاج ناڪام، اڳواڻ ڪارڪنن کي رستن تي رُلائي ڀڄي ويا، گنڊاپور خلاف ڌرڻو

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جو راولپنڊي ۾ احتجاج وارو منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور برهان انٽرچينج کان واپس روانو ٿي ويو، جنهن تي احتجاج ختم ڪرڻ تي ڪارڪن ناراض ٿي ويا، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ احتجاج ۾ شرڪت لاءِ پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪميٽي چوڪ پهتا ته پوليس کين روڪڻ لاءِ وقفي وقفي سان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي، ان کان سواءِ مري روڊ تي وارث خان واري هنڌ تي پوليس پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي، مري روڊ جون سموريون بتيون بند ڪيون ويون، دڪان پڻ بند ڪرايا ويا ۽ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ وٺ پڪڙ ڪئي وئي، ڪيترن ئي هنڌن تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل رهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان ۽ سلمان اڪرم راجا کي اسلام آباد کان راولپنڊي پهچندي ئي پوليس روڪي ورتو، ڏورانهن هنڌ وٺي وڃڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو.هوڏانهن خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پشاور مان قافلي جي شڪل ۾ برهان انٽرچينج پهتو جتي هن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي واپس گهرن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي ڪارڪنن ڪاوڙجي پيا، اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جي گاڏين جو گهيرو ڪيو، ڪارڪنن وڏي وزير جي گاڏي جو گهيرو ڪندي چيو ته اسان کي روڊن تي آڻي پاڻ ڀڄي ٿا وڃو، هاڻي توهان کي ڪيڏانهن به وڃڻ نه ڏينداسين، ان دوران وڏي وزير جي اسڪواڊ ۽ ڪارڪنن ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي، وڏو وزير واپس روانو ٿيو ته ڪارڪن ڪاوڙجي سندس خلاف برهان انٽرچينج ڀرسان احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ واپس پشاور وڃڻ کان انڪار ڪندي واپسي نامنظور جا نعرا هنيا، بعد ۾ اعظم سواتي کين پرچائي احتجاج ختم ڪرايو، اعظم سواتي چيو ته منهنجي عمران خان سان ملاقات ٿي آهي، عمران خان جي چوڻ تي ئي احتجاج ختم ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ قافلو پشاور موٽر وي کان پنجاب ۾ داخل ٿيو، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اڳتي دما دم مست قلندر ٿيڻ وارو آهي، هر رڪاوٽ پار ڪري پنڊي ۾ وينداسين، اڳتي ڏسون ڪهڙو ٿو تماشو ٿئي، اسين ڊڄڻ وارو ناهيون. هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ايڪس اڪائونٽ تي هڪ فوٽيج به جاري ڪيا ويا، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته پوليس کيس ۽ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي گرفتار ڪيو آهي. ان کان اڳ راولپنڊي انتظاميا پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري سڄي شهر ۾ ڪنٽينر رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته امن امان جي خدشي سبب پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو، ان کان سواءِ راولپنڊي ۾ فيض آباد، شمس آباد، چاندني چوڪ، رحمان آباد، ڪميٽي چوڪ ۽ ٻين هنڌن کي مڪمل سيل ڪيو ويو، اڊيالا جيل ڏانهن ويندڙ سمورا رستا به مڪمل طور سيل ڪيا ويا، اڊيالا جيل ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ به بند ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.