لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله اسرائيلي حملي ۾ شهيد

بيروت (م ڊ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو، حزب الله پنهنجي سربراهه جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ٻه ڏينهن اڳ لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ حزب الله جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته لبناني حريت پسند تحريڪ حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله شهيد  ڪيو ويو آهي، پر حزب الله پنهنجي سربراهه جي شهادت جي فوري طور تصديق نه ڪئي وئي هئي پر ڪالهه حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي، حملي ۾ حسن نصرالله جي ڌيءُ زينب نصرالله شهيد ٿي وئي هئي، جڏهن ته ايراني پاسداران انقلاب جو ڊپٽي ڪمانڊر عباس نلفروشان به شهيد ٿي ويو، اسرائيلي فوج موجب حملي ۾ حزب الله جا 2 اهم ڪمانڊر ٻه مارجي ويا آهن، اسرائيل طرفان فضائي حملن جو اهو سلسلو لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جڏهن ته ڇنڇر جي صبح اسرائيل بيروت جي ڏاکڻي علائقن ۽ لبنان جي ٻين علائقن تي هوائي حملا ڪيا، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن جمعه جي شام کان وٺي حزب الله جي 140 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي، ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حسن نصرالله جي شهادت بعد اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۾ امڪاني حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان بم شيلٽرز کوليا ويا آهن ۽ هوائي دفاعي نظام کي به هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري ذريعن موجب حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي ملڪ جي محفوظ ترين هنڌ منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪا بيروت ۾ حزب الله جي هيڊ ڪوارٽر تي اسرائيلي حملي ۾ ملوث ناهي ۽ ان کي حملي جي اڳواٽ ڪا ڄاڻ نه هئي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو چيو ته ايران ۾ اهڙي ڪا به جاءِ ناهي جتي اسرائيل جا ”ڊگها هٿ “ پهچي نه سگهن ۽ ”اهو سڄي وچ اوڀر لاءِ سچ آهي“.آمريڪا ۽ ان جي اتحادين اسرائيل ۽ حزب الله تي زور ڀريو آهي ته هو جنگبندي ڪن ۽ ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ 21 ڏينهن جي جنگ بندي ڪن.بائيڊن انتظاميه جي عملدارن جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم پنهنجو ذهن تبديل ڪري ڇڏيو آهي.لبناني حڪومت جو چوڻ آهي ته خميس ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي حملن ۾ 92 ڄڻا مارجي ويا، گذريل سال 8 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ لڳ ڀڳ روز سرحد پار فائرنگ ٿيندي رهي آهي.حزب الله جو چوڻ آهي ته اها فلسطينين سان يڪجهتي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته ان جو مقصد حزب الله جي خطري کي ختم ڪرڻ ۽ بي گهر ماڻهن کي اتر اسرائيل ڏانهن واپس آڻڻ آهي.جنهن کانپوءِ سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم کي حزب الله جو عبوري سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، نعيم قاسم نئين سربراهه جي چونڊ تائين حزب الله جا معاملا سنڀاليندو، رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هاشم صفي الدين کي حزب الله جو سربراهه بڻائڻ جا چٽا امڪان آهن، هو شهيد حسن نصرالله جو ماسات ۽ ناٺي به آهي، نعيم قاسم حزب الله شوريٰ ڪميٽي جو مسلسل 3 ڀيرا رڪن رهي چڪو آهي، حزب الله چيو ته اسرائيل خلاف جنگ جاري رهندي، غزه ۽ فلسطين جي حمايت ۽ لبنان جي دفاع لاءِ جهاد جاري رکندو، عباس الموسوي کي اسرائيلي گن شپ هيلي ڪاپٽر ذريعي قتل ڪرڻ کانپوءِ حسن نصرالله کي 1992ع ۾ 32 سالن جي عمر ۾ حزب الله جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو هو..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.