غشي

تحرير: \بادل خاصخيلي

بابا…

بابا……

ٽن ڏينهنَ کان

تون ڇو ايڏي گهري ننڊ سمهي پيو آهين

منهنجا قبلا مون ته سدائين

آڌي مانجھي ساجهر سانجهي

جگنوءَ وانگيان جاڳ ۾ جلندي اونداهيءَ ۾ ٻرندي ئي هر وقت ڏٺو آهي وو توکي

پر او بابا،،،

ٽِن ڏينهنَ کان تو  ڪجهه کاڌو ڇو ناهي  ڪجهه پيتو ناهي بابا

تون ڇو هاڻي ايڏي گهري ننڊ سمهين پيو

منهنجا قبلا

تون ته  هميشه زنده دل انسان رهيو هين

وقت جو پابند

بخت جو پابند

تخت جو پابند

سخت صفا ارڏو تون ايڏو اڄ ڇو غش صفا پيو آهين!

توکي هر ڪا دير زهر جهڙي لڳندي آ

توکي ڪيڏي ڪاوڙ گيسر تي ايندي آ

تون ته سموري گهر جي ساڄي اک رهيو هئين

قبلا سائين

مون ته سدائين

توکي پنهنجي ڪچڙي گهر جي

روشندانن

جهرڪين

ڇتين

ڳڙکين

پڇتين

ٿانون

جارين

تاڪن

درين

دروازن

ديوارن

ڪانن

ڪامن سان ئي کلندي خوش ٿيندي ڳالهائيندي هر روز ڏٺو آ                                          اکئين

قبلا سائين

مون ته سدائين

توکي پنهنجي مستيءَ ۾ ئي

نچندي

ڪڏندي

اٿندي

ويهندي

سمهندي

گمندي

ڦرندي

ايندي

ويندي

رستن

گهٽين

ڳوٺن

شهرن

چارن سان گڏ رقص ڪندي ۽ ڳائيندي ئي ڏٺو آ اکئين

بابا…

بابا…..

تو ڪلهه سنڌڙيءَ کي وڌ ساھ کان پيارو ڪوٺيو

تو ڪلهه شاھ ڀٽائيءَ کي برزخ جي مسند تان پڻ لاٿو

تو ڪلهه سائين جي ايم سيد جي وڇڙڻ جو نوحو ڳاتو

تو ڪلهه مرشد شيخ اياز جي تربت تي گلڙن کي اوڍيو

تو ڪلهه آريسر ۽ مائي بختاور کي سنڌڙي سمجهيو

تو ڪلهه پاڻي بند ٿيڻ تي سڏڪا ڀريا ڳوڙها ڳاڙيا

تو ڪلهه ايڪيهينءَ صديءَ کي پنهنجو امن ترانو بخشيو

تو ڪلهه چاغي ۽ پکران تي الله ۽ ڀڳوان تي حملي کي للڪاريو

تو ڪلهه پاڻ ڪراچي کي هو سنڌ جي نڪ جي ڦلي ڪوٺيو

تو ڪلهه پنهنجي وصيت نامي ۾ به قبر تي آزادي لکرائڻ چاهي

تو ڪلهه ڌرتي ماتا جي مٽيءَ جو شرف قبولڻ چاهيو.

تو ڪلهه شير ببر جيئن اسٽيجن کي لوڏيو ڌوڻيو ڌوتو

پر او بابا

اڄ ڇو ايڏو هاءِ چپ ستو پيو آهين

هٿ نه چورين

پير نه سورين

اک نه اُپٽين

چپ  نه کولين

ڪنڌ نه لوڏين

ماٺ بيڊ تي

نلڪي چڙهيل نوشهري فيروز جي هڪڙي وارڊ ۾ داخل

بي يارو بي مددو موڳو موڳو پيو هين

ساڻو ساڻو

ٿڪيل ٿڪيل ٿي محسوس رهيو آهين!

بابا سائين….

مظلومن جي حق ۾ تون ڄڻ

ميرن پيرن ڀوتارن زردارن ٺڳ وڏيرن سان اڄ

وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيو آهين

او بابا،،،

ٿڪجي پيو آهين!!!

 

(نامياري شاعر گدا خاصخيلي جي بيماري جي حوالي سان لکيل )

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.