اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتروزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، گذريل رات سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتروزيرستان ضلعي جي علائقي رزمڪ ۾ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ سميت شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.