اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر صدارتي آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ۽ گڏوگڏ آرڊيننس کانپوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي سمورن فيصلن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئيني درخواست جي ٻڌڻي هيٺ هئڻ تائين نئين قائم ڪيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي ڪم کان روڪيو وڃي ۽ آرڊيننس خلاف درخواست دوران پراڻي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي درخواست ۾ وفاق، قانون واري وزارت ۽ صدر جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ صدر آصف علي زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪيون هيون جنهن کانپوءِ اِهو لاڳوٿي ويو هو.