اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي واري معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي صدارتي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪيو هو ۽ جسٽس منيب اختر جي ڪميٽي مان نيڪالي تي سوال پڻ اُٿاريو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جي خط تي چيف جسٽس قاضي فائز جوابي خط لکي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس طرفان لکيل جوابي خط جا تفصيل اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن.
ذريعن موجب، چيف جسٽس طرفان جسٽس منيب اختر کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جا 11 سبب ڄاڻايا.
ذريعن موجب، چيف جسٽس پنهنجي جواب ۾ لکيو ته جسٽس منيب اختر جو سينيئر ترين ججن سان رويو انتهائي سخت هو، ائين جسٽس منصور اوهان جي اصرار تي ڪيو ويو، قانوني طور اوهان ان معاملي تي سوال نه ٿا اُٿاري سگهو ته چيف جسٽس ڪهڙي جج کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري، مان سدائين احتساب ۽ شفافيت جو حامي رهيو آهيان، جسٽس منيب اختر کي ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جا سبب اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان.
چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ لکيو ته جسٽس منصور قانوني طور اوهان اِهو به نه ٿا پڇي سگهو ته ٽيون رڪن ڪنهن نامزد ڪريان ڪنهن نه ڪريان، پر جيئن ته سدائين احتساب ۽ شفافيت جي حمايت ڪندو رهيو آهيان، مان سبب فراهم ڪندس ته جسٽس منيب کي ڇو تبديل ڪيو ويو، ياد رهي ته مان ائين اوهان جي چوڻ تي ڪري رهيو آهيان ته جيئن ڪو ناراض نه ٿي وڃي.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته جسٽس منيب اختر پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي سخت مخالفت ڪئي هئي، جسٽس نيب انهن ٻن ججن مان هو جن ڪيسن جي ٻوجهه کان لاپرواهه ٿي اونهاري جون موڪلون پوريون ڪيون، جسٽس منيب موڪلن دوران عدالت جو ڪم ڪرڻ لاءِ دستياب نه هو، موڪلن تي هئڻ باوجود هن ڪميٽي اجلاسن ۾ شرڪت تي اصرار ڪيو، اهڙو عمل ايندڙ سينيئر جج جسٽس يحييٰ تي سندس بي اعتمادي ظاهر ڪري ٿو.
پنهنجي خط ۾ چيف جسٽس لکيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ارجنٽ ڪيس 14 ڏينهن اندر ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندا، جسٽس منيب اختر درخواست گذارن جي آئيني ۽ قانوني حق جي ابتڙ ارجنٽ آئيني ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ موڪلن کي اهيمت ڏني.
خط جي متن موجب، سپريم ڪورٽ جي روايت جي ابتڙ جسٽس منيب پنهنجي سينيئر ججز ( ايڊهاڪ ججز ) جو احترام نه ڪيو، سينيئر ججز( ايڊهاڪ ججز ) کي اهڙن 1100 ڪيس جي ٻڌڻي تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو، ايڊهاڪ ججز کي شريعت ايپلٽ بئنچ جا ڪيس به ٻڌڻ نه ڏنا ويا.
چيف جسٽس لکيو ته جسٽس منيب اختر ڪميٽي جي هڪ معزز رڪن سان غير مناسب، اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪيو، جنهن ۾ سمورا چيف جسٽسز شامل هئا ۽ سينيئر ترين جج به ان جو حصو هو، جسٽس منيب اختر رڳو عبوري حڪم جاري ڪري 11 وڳي تائين ڪم ڪري ٿو، جسٽس منيب اختر جي ساٿي ججن سندس اهڙي رويي جي شڪايت ڪئي، آڊيو ليڪ ڪيس تي اسٽي آرڊر جاري ڪري اِهو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي ڪرڻ نه ڏنو ويو .