سنڌ، جنهن کي صوفي ازم، محبت، ۽ امن جو گهوارو سڏيو ويندو آهي، هن وقت مذهبي انتهاپسندي جي هڪ نئين لهرجي ور چڙهي ويو آهي. رواداري، ڀائيچاري، ۽ گڏيل انساني قدرن جي سرزمين سنڌ تي صوفين جي تعليمات هميشه مضبوط پيرن تي بيٺي رهي، خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام جو اثر سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۽ذهنن ۾ هميشه برقرار رهيو آهي. پر گذريل ڪجهه سالن ۾، سنڌ ۾ جيڪا مذهبي جنونيت ۽ تشدد جي لهر ڏسڻ ۾آئي آهي، ان سان اهو سوال اٿڻ لڳو آهي: ڇا سنڌ تصوف جو سايو ختم ٿي ويو .
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام محبت، امن، ۽ انساني ڀائيچاري تي ٻڌل آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ مذهب يرواداري، انسانيت جي عظمت، ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي ڳالهه ڪئي آهي. سنڌ جي ماڻهن هميشه هن پيغام کي پنهنجو مڃيو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ ان کي سمجهيو. ڀٽائيءَ جي تعليمات سنڌ جي ماڻهن کي هر قسم جي تعصب ۽فرقيواريت کان مٿانهون رکيو. سنڌي سماج ۾ مختلف مذهبن، ذاتين، ۽ فرقن وچ ۾ هم آهنگي جو مضبوط ڳانڍاپو رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي سماجي بناوٽ جو اهم حصو رهيو آهي.پر موجوده صورتحال ۾، سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر ۽ ان سان گڏوگڏ تشدد جي واقعن کي ڏسي اهوسوچڻ تي مجبور ٿي وڃجي ٿو ته ڇا سنڌ جي ماڻهن پنهنجن صوفين ۽ شاعرن جي پيغام کان هٽي ڪري ڪنهن ٻي راهه تي هلي رهيا آهن؟ خاص ڪري ڊاڪٽر شاهنواز جي شهادت جهڙا واقعا سنڌ جي صوفي روايتن لاءِ هڪ وڏوڌچڪو آهن.
ڊاڪٽر شاهنواز، جنهن کي توهين رسالت جي ڪوڙي الزام تحت بيگناهه قتل ڪيو ويو، ۽ سندس لاش کي ڦري باهڏني وئي، هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ انتهاپسندي ۽ عدم رواداري جي بدترين مثال طور ياد رکيو ويندو. اهو واقعو سنڌ جي امن ۽ محبت واري روايتن کي وڏو زخم ڏئي ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهو واقعو صدمي جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سرزمين صوفين، درويشن، ۽ امن پسند ماڻهن جي ڌرتي رهي آهي، جتي تشدد۽ نفرت لاءِ ڪڏهن به جاءِ نه رهي آهي.ڊاڪٽر شاهنواز جي شهادت صرف هڪ انفرادي واقعي طور نه ڏٺي وڃي، پر اهو واقعو سنڌ جي سماجي صورتحال جي هڪ وڏي تصوير پيش ڪري ٿو. سنڌ، جيڪا صوفين جي سرزمين طور سڃاتي وڃي ٿي، اتي اڄ اهڙا واقعا ظاهرٿي رهيا آهن، جيڪي اُن جي صوفيائي تعليمات ۽ رواداري جي خلاف آهن. مذهبي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻيندي پئي وڃي.
توهين رسالت جا الزام ۽ انهن تي ٿيل ظلم، جهڙوڪ ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل، مذهبي انتهاپسندي کي وڌائڻ جي خطرناڪ رجحان جي نشاندهي ڪن ٿا. هن قسم جي واقعي ۾ سنڌ جي پراڻي صوفي روايتن کي نظرانداز ڪيو ويوآهي، جيڪي هميشه انسانيت جي عظمت، مذهبي رواداري، ۽ انصاف جي ڳالهه ڪن ٿيون.
مذهبي انتهاپسندي جو وڌندڙ اثر صرف سنڌ ۾ نه، پر پوري پاڪستان ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر سنڌ، جيڪا هميشه کان هڪ روشن خيال، لبرل، ۽ روادار سماج جي علامت رهي آهي، هاڻي ان مذهبي انتهاپسندي جي لهر ۾ پئجي وئي آهي. شاهنوازجهڙا واقعا سنڌ جي سماجي بناوٽ ۽ ان جي صوفي روايتن لاءِ وڏو خطرو آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ صوفي ازم ۽امن پسندانه تعليمات جي هميشه ئي اهميت رهي آهي، پر هاڻي اهو خطرو آهي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ عدم رواداري جااثر سنڌ جي اصل مزاج کي تباهه ڪري ڇڏيندا.
رواداري جي خاتمي جا سبب
سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي وڌندڙ لاڙي جا ڪيترائي سبب آهن. سڀ کان پهرين، سماجي ۽ سياسي عدم استحڪام صورتحال کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سياسي مداخلت ۽ اقتدار جي جنگن سبب ماڻهن ۾ فرقيواريت ۽مذهبي تعصب کي وڌائڻ لاءِ موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ مذهبي انتهاپسند گروهن کي پنهنجا مقصدحاصل ڪرڻ لاءِ رستو ملي ٿو، ۽ اهي ماڻهو پنهنجي اثر کي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.ٻيو وڏو سبب تعليم جي ڪمي ۽ غير مساوي تعليمي نظام آهي. سنڌ ۾ پڙهائي ۽ سجاڳي جي کوٽ سبب ماڻهن ۾صوفي ازم ۽ روشن خيالي بابت ڄاڻ گهٽجي وئي آهي. اهوئي سبب آهي جو ماڻهو مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي ور چڙهن ٿا ۽ صوفي تعليمات کان پري ٿي وڃن ٿا
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين صوفين جو پيغام هڪ امن پسند ۽ رواداري وارو پيغام آهي، جيڪو ڪنهن به قسمجي تشدد ۽ مذهبي فرقيواريت کي رد ڪري ٿو. صوفي ازم ۾ انسانيت ۽ محبت جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته مذهبي انتهاپسندي ان جي ابتڙ نفرت، تعصب، ۽ تشدد تي ٻڌل هوندي آهي. سنڌ جي سماج ۾ صوفي ازم ۽ انتهاپسندي جي وچ ۾ هڪ واضح فرق آهي، ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ اهو فرق وڌيڪ نمايان ٿي رهيو آهي.
ان ڳالهه جو خطرو ضرور آهي ته سنڌ پنهنجي اصل صوفي روايتن کان پري ٿي رهي آهي. شاهنواز جهڙا واقعا،جيڪي مذهبي انتهاپسندي ۽ عدم رواداري کي ظاهر ڪن ٿا، سنڌ جي مستقبل لاءِ خطرناڪ آهن. سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته اهي ڀٽائي جي تعليمات تي عمل ڪندي صوفي ازم، رواداري، ۽ انسانيت جي اهميت کي ٻيهر اجاگر ڪن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين صوفين جو پيغام هڪ امن پسند ۽ رواداري وارو پيغام آهي، جيڪو ڪنهن به قسمجي تشدد ۽ مذهبي فرقيواريت کي رد ڪري ٿو. صوفي ازم ۾ انسانيت ۽ محبت جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته مذهبي انتهاپسندي ان جي ابتڙ نفرت، تعصب، ۽ تشدد تي ٻڌل هوندي آهي. سنڌ جي سماج ۾ صوفي ازم ۽ انتهاپسندي جي وچ ۾ هڪ واضح فرق آهي، ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ اهو فرق وڌيڪ نمايان ٿي رهيو آهي.ان ڳالهه جو خطرو ضرور آهي ته سنڌ پنهنجي اصل صوفي روايتن کان پري ٿي رهي آهي. شاهنواز جهڙا واقعا،جيڪي مذهبي انتهاپسندي۽ عدم رواداري کي ظاهر ڪن ٿا، سنڌ جي مستقبل لاءِ خطرناڪ آهن. سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته اهي ڀٽائي جي تعليمات تي عمل ڪندي صوفي ازم، رواداري، ۽ انسانيت جي اهميت کي ٻيهر اجاگر ڪن.