اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾اليڪشن ڪميشن ٻيهر سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلي بابت ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلي لاءِ الڳ درخواست داخل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ جي عبوري فيصلي خلاف مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ 3 نظرثاني درخواستون داخل ڪري چڪيون آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججن مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي نااهل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.