هن سڄي خطي ۾ مختلف مذھبن جا دور ايندا رھيا آھن.،عام طور تي هن سڄي علائقي جو مزاج ان ڪري سيڪيولر رهندو آيو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي هر دور ۾ مختلف مذهبن ۽ عقيدن سان واڳيل برادريون ۽ گروهه ھڪ ٻئي سان مل جلي رھندا آيا آھن.
اهو درست آهي ته هند ۽ سنڌ ۾ فتوحات جي پٺيان معاشي مفاد ۽ بادشاھت کي وڌائڻ جا ارادن ۽ نيتن اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪڏھن ڪڏھن انھن جي ڍڪ ڪرڻ جي لاءِ ان مٿان مذھب جو پردو پڻ وڌو ويو آھي.پر ان باوجود هتي رهندڙن جو مزاج ۽ عملي رويو سيڪيولر ئي رھندو آيو آهي.ٻڌمت جي اثر کان وٺي صوفين مختلف شاعرن جي ڪلام ۽ تعليم ۽ پوءِ انهن جي مقبوليت ۽ اثر کان نه ته هند جو حصو انڪار ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي سنڌ ۽ سنڌو درياهه سان جڙيل ٻيا علائقا ان کان انڪار ڪري سگهن ٿا.هي تھ پياري پاڪستان کانپوءِ ۽ خاص ڪري ضياءُ الحق جي آمريت جون حرڪتون ۽ برڪتون آهن، جيڪي هن سڄي خطي جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آهن.
افغانستان ۾ عوام دوست ” انقلاب ثور “ جي خلاف آمريڪي ادارن جي سرپرستيءَ هيٺ سڄي دنيا مان ” ڀرتي ” ڪيل ھٿ ٺوڪين مجاهدن کي نه رڳو چڱيءَ طرح استعمال ڪيو ويو بلڪھ باقاعدگي سان آباد ڪيو ويو.ٻيو تھ ڇڏيو چڱين خاصين مذھبي جماعتن کي پڻ مسلڪي فرقھ پرستي جي ور چاڙھي مختلف ”لشڪر“ ۽ ”جهنگوي“ ڌڙا ٺاھي ڪري وڌ کان وڌ ورھايو ويو ۽ ” جنون “ واري فضا کي لاڳيتو پروان چاڙھيو ويو.
معصوم ۽ غربت جي شڪار ڇوڪرن ۽نياڻين کي مختلف مدرسن جي معرفت پنھنجي پراڪسي ٺاھي پنهنجن مفادن لاءِ نھ رڳو استعمال ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو بلڪھ انهن جي باقاعدھ ”ذهن سازي “ جون نرسريون قائم ڪيون ويون.اھڙي ماحول ۾ ”ممتاز قادري“ جهڙا ڪردار پئدا ٿيڻ ڪا حيرت جي ڳالھھ نھ آھي.جنھن ڪري ڇٽيل ٻج ھاڻي اسري نسري رھيو آھي .تنھن ڪري خيبرپختونخواهه ۾ نوجوان مشال خان سان ٿيل سلوڪ توڙي سنڌ جي امرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر سان ٿيندڙ انساني ظلم کي آخري واردات نھ سمجهڻ گهرجي.
ھندستان هجي،پاڪستان ھجي، افغانستان هجي يا ايران ھجي انھن ملڪن ۾ هن جديد دور ۾ پڻ مذهب جي نالي ۾ ڇا ڪجھھ نھ ٿي رھيو آھي ؟ بنيادي طور تي رياست ۽ حڪمران طبقي جي اها ذميواري آهي ته اھي فيصلو ڪن ته ھو ملڪ ۾، ڪهڙي قسم جو ماحول، ڪهڙي قسم جو سماجي نظام قائم ڪرڻ چاهين ٿا.
انساني قدر ۽ عوام دوست اجتماعي سماجي نظام جي اهميت ته پري جي ڳالهه آهي،پر جيڪڏهن رڳو قانون جي بالادستي کي ئي يقيني بڻايو وڃي ته پوءِ اهڙي ڪاررواين کي هٿي وٺرائيندڙن انتهاپسندن کي پڻ اھڙي ريت عوام جي جذبات کي ڀڙڪائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچڻو پئي، قانون جي محافظن کي پڻ خود قانون کي سنگسار ڪرڻ ۽ حفاظتي تحويل ۾ ورتل شهري کي اهڙي طرح فخر واري انداز سان فل فراءِ يا ھاف فراءِ ڪرڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻو پئي ھا.
اھو سڀ ڪجھھ رياست ۽ رياستي ادارن جي نااهلي ۽ ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي. ان ڪري اهو چوڻ ته سنڌ جي شعور اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪوٻيو نھ ڪري سگھيو.مبالغه آرائي يا وڌاءُ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن سنڌ جو شعور واقعي ايترو پختو، سگھارو ۽ فخر جوڳو ھجي ھا تھ ”ڪنهن جي ڪھڙي مجال ھئي ته ھڪ انسان کي اھڙي طرح ساڙي ڇڏي ھا“.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تھ اجتماعي شعور جي ٻل ۽ بنياد تي ئي حالتون تبديل ڪري سگهجن ٿيون. پر اهو اجتماعي شعور جي کوٽ ئي تھ آهي، جنهن سبب پاڪستان جي وفاق ۾ شامل سمورين قومي وحدتن ۽ سلھاڙيل رياستن جي عوام کي مسلسل سندن بنيادي انساني حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. پاڪستاني وفاق ۾ شامل سمورن قومي يونٽن ۾ ممڪن آهي ته سياسي شعور جي لحاظ کان فرق هجي.پر ڪا به قومي وحدت ڪنھن بھ ٻي قومي وحدت کان”ُ ُ ا ُتم“ ”عظيم“ ”برتر“ يا ”سپريم“ نه آهي. سڀئي قومون ھڪ جيتري عزت ۽ احترام جي لائق آھن. پر حڪمران طبقي يا رياست جي ادارن ۽ انهن جون پاليسيون ئي آھن جن کي اسين سڀ گڏيل طور تي ڀوڳي رھيا آھيون.نھ تھ ھن وقت به شاهه عبداللطيف ڀٽائي، بلھي شاهه،سچل سرمست، رحمان بابا،گل خان نصير سميت ڪيترائي انسان دوست شاعر اسان سڀني جا هيروز آهن. ۽ اهو ئي سڀ کان وڏو ثبوت آهي ته قديم هند ۽ سنڌ ھجي،افغانستان هجي يا بلوچستان ھجي ،موجوده پاڪستاني فيڊريشن ۾ شامل قومي وحدتون ھجن.سڀني جو مزاج ۽ ھڪ ٻئي سان ورتاءُ ۽ سلوڪ سيڪيولر ئي رهيو آهي.
انساني قدر ۽ عوام دوست اجتماعي سماجي نظام جي اهميت ته پري جي ڳالهه آهي،پر جيڪڏهن رڳو قانون جي بالادستي کي ئي يقيني بڻايو وڃي ته پوءِ اهڙي ڪاررواين کي هٿي وٺرائيندڙن انتهاپسندن کي پڻ اھڙي ريت عوام جي جذبات کي ڀڙڪائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچڻو پئي، قانون جي محافظن کي پڻ خود قانون کي سنگسار ڪرڻ ۽ حفاظتي تحويل ۾ ورتل شهري کي اهڙي طرح فخر واري انداز سان فل فراءِ يا ھاف فراءِ ڪرڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻو پئي ھا.