جيل ۾ قيد اسماعيل ڏاهري سان ڀاءُ کي ملڻ نه ڏنو ويو

حيدرآباد(رپورٽر) اڳواڻي صلاحڪار اسماعيل  ڏاھري جي ڀاءُ علي رضا ڏاھري کي جيل انتظاميا ملاقات کان کتو جواب ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو آهي. علي رضا ڏاھري ملاقات نه ڪرائڻ ۽ 2 ماڻھن کي ظاھر نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پھچي درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪندي چيو ته منھنجي ڀاءُ اسماعيل ڏاھري کي آمري پل تان کڻي حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تي چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. جيل ۾ اسماعيل ڏاھري سان ملاقات لاءِ ويس ته جيل انتظاميا ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. خدشو آھي ته محمد اسماعيل ڏاھري جيل ۾ موجود ئي ناھي. ھن جي طبعيت صحيح ناھي ۽ هو بيمار ماڻھو آھي. جيل انتظاميا دوائون به واپس ڪيون آھن. اسان جا 2 ماڻھو اڃا تائين گم آھن جن کي ظاھر ناھي ڪيو ويو. چيف جسٽس ۽ جيل کاتي جو صوبائي وزير نوٽيس وٺن. ڀاءُ سان ملاقات ڪرائي وڃي ۽ گم ٿيل 2 ماڻھن کي ظاھر ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.