مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي بينچ جو وضاحتي بيان ڪنهن جي حڪم تي اپلوڊ ٿيو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ 14 سيپٽمبر جي 8 اڪثريتي ججن جي وضاحت تي سوالن جو جواب گهري ورتو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ  جي رجسٽرار جزيله سليم کي خط لکيو، جنهن ۾ هن سوال اٿاريو ته اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف وضاحت جي درخواست ڪڏهن داخل ڪئي؟ پي ٽي آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن جون درخواستون پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ ڇو نه موڪليون ويون؟، قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڌار درخواستون ڪازلسٽ بنا ڪيئن ٻڌڻي لاءِ فڪس ٿيون؟ ڇا رجسٽرار آفيس لاڳاپيل ڌرين ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو؟ ڪنهن عدالتي ڪمري يا چيمبر ۾ درخواستن کي ٻڌو ويو؟ خط ۾ چيف جسٽس سوال ڪيو ته درخواستن تي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڪازلسٽ ڇو جاري نه ڪئي وئي؟ آرڊر کي ٻڌڻ لاءِ عدالتي ڪمرو فڪس ڇو نه ڪيو ويو؟ اوريجنل فائل ۽ آرڊر سپريم ڪورٽ رجسٽرار ۾ جمع ٿيڻ بنا آرڊر ڪيئن اپلوڊ ٿيو؟ آرڊر کي سپريم ڪورٽ ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.