وزيراعظم کي ڪهڙو لاچار ته چوي فلاڻو چيف جسٽس بڻجندو: گورنر پنجاب

ڪهوٽا (م ڊ) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته چيف جسٽس ميرٽ تي مقرر وڃي، ڪنهن کي به مدي ۾ واڌ نه ڏني وڃي،وزيراعظم کي ڪهڙو لاچار پيو آهي ته اهو چوي ته پنج جج هجن يا ٽي ،انهن مان مان پڪ اينڊ چوز ڪندس ته فلاڻو چيف جسٽس بڻجي، پهرئين نمبر وارو قابل ناهي  ته اها بدقسمتي آهي. جڏهن ججز، جنرل ۽ ڪامورا ملڪ جو درد محسوس ڪندا، تڏهن ئي حالتون تبديل ٿينديون. ڪهوٽو يونيورسٽي ۾ عالمي لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سياستدانن کي خبر آهي جنهن ستين نمبر واري  کي کڻي آيا ان جوتا هنيا، چوٿين نمبر مان ڪنهن کي کڻي آيا پوءِ ان توهان سان جيڪو ڪيو ان جي سڀني کي خبر آهي، سياستدان هوش کان ڪم وٺن، هن چيو ته وزيراعظم غريبن لاءِ بل منظور ڪرڻ بدران ججن جي توسيع جي معاملي ۾ مصروف آهي، هو هوش کان ڪم وٺي ۽ انهن معاملن کي هلڻ ڏئي، هن چيو ته اسان جي انصاف جو نظام انتهائي ڪمزور ۽ فرسوده آهي، جيڪو غريب ماڻهوءَ لاءِ رڳو مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو. سول ڪيس نسل تائين هلندا رهن ٿا. عدالتن ۾ لکين ڪيس پيل آهن، عوام انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهي. هن چيو ته سياسي سهڪار کانسواءِ پوليس ايف آءِ آر به داخل نه ٿي ڪري. هن چيو ته  پوليس تي به ڪم جو دٻاءُ آهي، ان جا مسئلا به حل ڪرڻا پوندا.  مصالحتي عدالتون قائم ڪرڻ ۽ هيٺين عدالتن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياستدانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.