ڊاڪٽر شاهنواز قتل واقعي بابت بيان رڪارڊ ، ايس ايڇ او سميت 8 اهلڪار معطل

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)  گھرو وزير پاران سنڌڙي لڳ مبينا پوليس مقابلي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جاچ لاءِ سنڌڙي ۽ ميرپورخاص پهتي، سرزمين تي علائقي واسين کان بيان ورتا ويا،  ڊي آءِ جي آفيس ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جا بيان رڪارڊ، نئين وقتي ايس ايس پي چارج وٺڻ بعد ايس ايڇ او سميت ٽن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.  سنڌڙي لڳ ٿيل مبينا پوليس مقابلي ۾ توهين رسالت جي الزامن هيٺ آيل جوابدار جي مارجڻ واري واقعي جو سنڌ جي گھرو وزير پاران نوٽيس وٺندي مبينا پوليس مقابلي جي جاچ ڪرائڻ وارين هدايتن تي آءِ جي سنڌ پاران مبينا مقابلي جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ايس ايس پي بدين شيراز نذير واقعي جي جاچ لاءِ ڪالھ سنڌڙي لڳ مقابلي واري سرزمين تي پهچي علائقي واسين کان معلومات ورتي ان موقعي تي آيل ٽيم پاران صحافين کي ٽيم کان پري رکيو ويو ذريعن موجب آيل ٽيم علائقي جي رهواسين کان پوليس مقابلي جي حوالي سان پڇيل سوالن تي علائقي واسين پاران بيان ڏنا ويا ته مقابلي واري رات اسان صرف فائرنگ جو آواز ٻڌو هو رات هجڻ سبب ڪو به ڳوٺاڻو  فائرنگ واري هنڌ نه پهچي سگھيو هو ۽ صبح جو واقعي بابت اطلاع مليو هو. ذريعن موجب آءِ جي سنڌ جي حُڪم تي جاچ لاءِ پهتل ٽيم سرزمين تان مختلف شاهديون گڏ ڪرڻ سان گڏ پوليس مقابلي ۾ شامل سنڌڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن جا پڻ بيان قلمبند ڪيا، سنڌڙي بعد جاچ ڪاميٽي ڊي آءِ جي آفيس ميرپورخاص پهتي جتي ٽيم پاران سي آءِ اي جي پوليس اهلڪارن هدايت الله، قادر، نادر پرويز ۽ فرمان علي جا پڻ بيان قلمبند ڪري رواني ٿي وئي. ميرپورخاص جي ايس ايس پي جي وقتي چارج حاصل ڪندڙ ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير سيٺار چارج وٺڻ بعد آرڊر NO: Estt/23347-50/2024 dated 20.09.2024 جاري ڪندي ايس ايڇ او سنڌڙي انسپيڪٽر نيازمحمد کوسو، سي آءِ اي جي سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، مبينا پوليس مقابلي ۾ شامل سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن لکمير، الله جڙيو، محمد صديق. سي آءِ اي جي پوليس اهلڪارن نادر پرويز، غلام قادر ۽ فرمان علي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي .

  • ڊاڪٽر شاهنواز واقعي خلاف احتجاج،عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: انساني حقن جا اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽر ) انساني حقن جي تحفظ ڪندڙ سول سوسائٽي جي گروپ "ھيومن رائيٽس  ڊيفينڊرس”  جي اڳواڻن  انيس ھارون، علي پله ايڊووڪيٽ قاضي خضر، شيرين زنئور ڪرشن شرما، مھناز رحمان، غزالا شفيق ۽ ناصر منصور  ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو عمر ڪوٽ واقعي ۾ پوليس طرفان ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل تي سنڌ حڪومت طرفان پوليس آفيسرن تي ٻڌل تحقيقاتي ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا، ايڊووڪيٽ  علي پلھھ چيو تھ عمرڪوٽ ۾ توھين رسالت جي  الزام ھيٺ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار خلاف ڪيس داخل ٿيو، بعد ۾ سنڌڙي پوليس ۽ سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري گڏجي مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز مقابلي ۾مارجي ويو آھي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جي جوڙيل انڪوائري ڪميٽي کي  سول سوسائٽي  رد ڪري ٿي، ھاءِ ڪورٽ جي ججن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وڃي، معطل ٿيل پوليس آفيسرن کي انڪوائري ۾شامل ڪيو وڃي ۽ پوليس جي گرفتاري واري وقت جوڙيل مشير نامو منظر عام تي آڻي متاثر فيملي کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ صوبائي وزير سردار شاهه جو 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي. ھن چيو تھ انھن پوليس آفيسرن کي ويزا نه ڏني وڃي. قاضي خضر چيو تھ واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڊاڪٽر شاھنوار جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لڳل گولين بابت تفصيل منظر عام تي آندا وڃن. ھن چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز سميت سمورن پوليس آفيسرن جي موبائل جي ڊيٽا ۽ جيئو فرانسڪ ڪرائي وڃي، اھڙي واقعي سان خوف ۽ هراس پکيڙجي ويو آھي. ھن چيو تھ پوليس موبائل ساڙڻ ۽ شاهنواز جي لاش ساڙڻ جو ڪيس ڇو داخل ناھي ٿيو ؟ شيرين اسد چيو تھ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي امير شاھ جيلاني اتي وڃي پوليس آفيسرن لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايا، ان خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ معطل ٿيل پوليس آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪري، پوليس آفيسرن جي ذھني حالت چڪاس ڪرائڻ لاءِ سندن ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو وڃي. غزالا شفيق چيو تھ جيڪڏهن ڪنهن به الزام جي جاچ بدران پوليس اھلڪارن ۽ عام ماڻهن کي ئي سمورا فيصلا ڪرڻا آھن ته پوءِ عدالتن کي بند ڪري ڇڏڻ گھرجي، اسين اقليت ته اڳ ئي عدم تحفظ جو شڪار ھئاسين پر ھاڻي اڪثريتي مسلمان ڀائرن کي به انھن الزامن تحت قتل ڪيو پيو وڃي. ڪرشن شرما چيو تھ عمرڪوٽ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اقليت سان تعلق رکندڙ ماڻهو رھن ٿا، اھڙي واقعي سبب ٽن کان چئن ڏھاڙن تائين تمام گھڻي خوف واري صورتحال موجود آھي. ھن چيو تھ پاڪستان کي انھي خوف واري صورتحال مان ڪڍڻو پوندو. انيس ھارون چيو تھ ھاڻي اھڙي واقعي کانپوءِ رياست يا پوليس تي ڪير اعتبار ڪندو ؟، ڪو به نارمل ماڻهو پاڪستان ۾ اھڙي واقعي بابت ڪجهه بھ لکي نٿو سگهي، پوليس آفيسرن تي مشتمل انڪوائري ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا، ان ڪري عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. مقتول جي والدھھ ۽ سندس نياڻي روئن پيون ۽ پڇن ٿيون تھ بابا کي ڇو ماريو ويو آھي، جيڪڏهن ھو ڏوھاري ھو ته کيس عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو ويو؟، سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو سان ملنداسين ۽ ڪورٽ ۾ به ڪيس کڻي وينداسين، اسانجي رياست کي اھڙن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ گھرجي،ھوڏانھن سول سوسائٽي اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.

  • ڊاڪٽر شاهنواز جون وارث عورتون مٿي ۽ پيرين اگهاڙي ڊوڙينديون رهيون

عمرڪوٽ (بي بي سي) عمرڪوٽ ۾ توهين مذهب جي ڪيس کي منهن ڏيندڙ مقامي اسپتال جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي مبينا  پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کانپوءِ سندس پونئرن لاش جي تدفين جي ڪوشش ڪئي پر مڇريل مظاهرين لاش کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. ڊاڪٽر شاهنواز جي ويجهي مائٽ چيو ته ماڻهن کي جيڪو مولوي ڀڙڪائي رهيو هو ان وٽ ڊاڪٽر شاهنواز قرآن پاڪ پڙهڻ رکيو هو، ان کي شاهنواز جي ذهني صحت بابت به ڄاڻ هئي پر هو نه مڙيو. هن دعويٰ ڪئي ته وڪيل جي مشاورت سان ڊاڪٽر شاهنواز جي گرفتاري پيش ڪئي وئي هئي ۽ اسان سمجهيو ته هو پوليس جي هٿن ۾ محفوظ آهي، پوءِ ميڊيا تي خبرون آيون ته کيس ماريو ويو آهي، اسان سان دوکو ڪيو ويو. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ذهني مريض هو ۽ سندس آغا خان اسپتال ۾ علاج به جاري هو، هو ڊپريشن ۽ هائپرٽينشن جون دوائون وٺندو هو. ڊاڪٽر شاهنواز جي عورت سئوٽ موجب اسان عورتون بي پردا گهر جي چوديواري مان ڪڏهن نه نڪتيو هيونسين پر لاش وٺڻ ۽ آخري ديدار لاءِ پيرين ۽ مٿي اگهاڙي ڊوڙينديون رهيونسين. هن چيو ته خبر پئي ته لاش کي ڳوٺ ۾ اچڻ نه پيو ڏنو وڃي ته هو پيرين اگهاڙي ۽ مٿي اگهاڙي ٻاهر ڊوڙيون. پهريان ڳوٺ جي وڏيري ڏانهن ويونسين پر هن در نه کوليا ان کانپوءِ مسجدن جي خطيبن جي گهرن ڏانهن ويونسين انهن به در نه کوليا. گهر موٽڻ تي خبر پئي ته لاش جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي تنهن کانپوءِ ٻيهر زمين ڏانهن ڊوڙيونسين جتي لاش کڻي ويا هئا. اتي آيل ماڻهن وٽ هٿيار، پيٽرول، ڪهاڙيون هيون جن لاش کي باهه ڏني، اسان جي ڀرپاسي بيٺل ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا، مامي باهه وسائي، اسان کي چهرو به ڏسڻ نه ڏنو ويو، اسان روئينديون واپس آيونسين.

  • شاهنواز بيگناهه هو، قتل ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي:گهرواري

ميرپورخاص ( عوامي آواز نيوز ) ميرپورخاص توهين مذهب جي الزام هيٺ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي گهرواري ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شاهنواز بيگناهه هو هن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو،پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي، بنا جاچ ڪرڻ جي پنهنجي عدالت لڳائي پوليس گهر اجاڙي ڇڏيو آهي، اسان پوليس سان هر تعاون ڪيو ، ان باوجود عوام جي محافظن قانون هٿ ۾ کڻي ظلم ڪيو آهي، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

  • عمرڪوٽ واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڊاڪٽر قادرمگسي وڌيڪ چيو تج سنڌ صدين کان امن محبتن ۽ رواداري جو درس ڏيندڙ ڌرتي رھي آھي، سنڌ اندر جيڪا انتھاپسندي وڌي رھي آھي ان جا ذميوار حڪمران آھن جيڪي اھڙيون ھٿرادو حالتون پيدا ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته عمرڪوٽ واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي ملڪ جي قانون ۽ عدالتن کان مٿانھون قتل قابل مذمت آھي. جيڪڏھن ڪنھن فرد تي ڪو الزام آھي تي ان کي ملڪي قانون تحت عدالتن ۾ پيش ڪرڻ گھرجي.

  • ڪوڙو مقابلو ڪندڙن کي گلن بدران جوتن جا ھار پارائجن ھا: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان ڊاڪٽر شاھنواز  ڪنڀر کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته پوليس فيصلي ساز ناھي، فيصلي جو اختيار عدالت کي آھي، ڪوڙي مقابلي بعد گلن جا ھار پائيندڙ پوليس وارن کي جوتن جا ھار پارائجن ھا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي طاقت رواداري آھي. سھپ آھي. شاھه لطيف جو پيغام آھي. پيپلز پارٽي ۽ انھن کي اقتدار ڏئي سنڌ تي مسلط ڪندڙ طاقتون سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ انھي عظيم رواداري ۽ سھپ واري ثقافت کي ختم ڪرڻ چاھين ٿيون.

  • عدالت کان مٿاهين قتل جي حمايت نه ڪنداسين: اقبال ڏيٿو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو چيو آهي ته سنڌڙي لڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي ان جاچ دوران سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر جي خاندان کي مڪمل قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ مبينا پوليس مقابلي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي لاءِ  پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هن چيو ته آئين پاڪستان جي تحت هر شهري کي شفاف ٽرائل جو حق حاصل آهي جيڪو کيس ملڻ گھرجي هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته حڪومت ڪنهن به غيرقانوني قدم ۽ انسانيت جي توهين سميت ڪنهن به عدالت کان مٿاهين قدم جي حمايت نه ڪندي هن چيو ته هي اهم ۽ حساس مسئلو آهي ان تي مڪمل جاچ ٿيڻ گھرجي ته جيئن سڀ حقيقتون سامهون اچي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.