صدارتي آرڊيننس تي مائنس چيف جسٽس ملاقاتون؟

لاهور (فخر دراني) ڪالهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جو صدارتي آرڊيننس آيو هو جنهن ۾ 4 ترميمون ڪيون ويون آهن، جنهن  تحت چيف جسٽس کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته ججن جي 3 رڪني ڪاميٽي ۾ ڪنهن جج جي غير حاضر هجڻ تي هو ٻئي جج کي ميمبر بڻائي سگهي ٿو. ججن جي 3 رڪني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه اسلام آباد ۾ هوندي شريڪ نه ٿيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين خان کي ٽيون ميمبر بڻايو آهي. اها بينچ آئين جي حوالي سان وڌيڪ اهم ڪيسن تي ڪم ڪندي. جسٽس منيب اختر آرٽيڪل 63 اي جي حوالي سان فيصلو لکيو هو جنهن موجب پارٽي جي مرضي خلاف ووٽ ڏيندڙ جو ووٽ به نه ڳڻيو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو آئيني ترميمن جي حوالي سان حڪومت کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون. ٻيو اهو ته مخصوص سيٽن واري معاملي تي نظرثاني جو تفصيلي فيصلو ناهي اچي سگهيو. صدارتي آرڊيننس کانپوءِ ججن وچ ۾ ڳجهين ملاقاتن جون خبرون سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن جن موجب ڪجهه ججن جي مائينس چيف جسٽس ملاقات ٿي. ذريعن موجب چئن ججن جي ملاقات جسٽس محمد علي مظهر جي گهر ٿي. جسٽس محمد علي مظهر ۽ حسن اظهر رضوي پاڻ ۾ مائٽ آهن، انهن سان گڏ ٻيا 2 جج به هئا ۽ اها غير رسمي ملاقات هئي ۽ ذاتي نوعيت جي ملاقات هئي. ٻئي پاسي کان صدارتي آرڊيننس تي ڪو نه ڪو جواب ضرور ايندو هي چپ ڪري نه ويهندا ۽ ايندڙ هفتي تائين ان جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.