پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آرڊيننس تي سوال اٿڻ لڳا

اسلام آباد(شهزاد اقبال+حسنات ملڪ) حڪومت چيف جسٽس کي ٻيهر ماسٽر آف روسٽر بڻائي ڇڏيو، پريڪسٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تي سوال اٿڻ لڳا، ججز ڪميٽي جو سومر تي اجلاس جو امڪان، اهم فيصلا متوقع،ان آرڊيننس ذريعي سپريم ڪورٽ جي اندروني ورڪنگ کي ريگيوليٽ ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان تي عملدرآمد به شروع ڪري ڇڏيو آهي، تاثر اهو آهي ته جسٽس قاضي فائز ۽ حڪومت وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جيئن پي ٽي آءِ دور ۾ جسٽس عمر عطا بنديال سان هوندا هئا، قانوني ماهرن موجب جيئن ئي اهو آرڊيننس آيو جسٽس امين الدين کي ڪميٽي ۾ تڪڙو شامل ڪيو ويو،رات پيٽ ۾ آرڊيننس جاري ٿيڻ تي خدشا وڌي  ويا آهن،آرٽيڪل 175 اي جي تشريح کي تباهه ڪيو ويو آهي، مخصوص سيٽن بابت فيصلو ريورس ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي،اهو فيصلو هاڻي 25 آڪٽوبر کانپوءِ ٻڌڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.