سمنڊ ۾ لانچن ذريعي ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان ڪسٽم انفورسمينٽ ڪراچي پاران کليل سمنڊ ۾ ڪارروائي ڪندي لانچن ذريعي ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي  المنير ۽ الحبيبي نالي ٻن لانچن ذريعي 27620 ليٽر ايراني ڊيزل اسمگل ڪيو  پيو وڃي. هن چيو ته اسمگل ٿيل ايراني ڊيزل جي قيمت 70 لک رپيا آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻن لانچن جي ماليت 2 ڪروڙ 30 لک رپيا آهي، جن کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي، قبضي ۾ آيل ٻنهي لانچن ۽ اسمگل ٿيل ايراني ڊيزل قبضي ۾ ڪري  اي ايس او ڪسٽم جي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لاڳاپيل اختيارين ٻنهي لانچن ۾ موجود 2 ڄڻن کي پڻ حراست ۾ ورتو آهي، جن خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.