چين سنڌ ۽ پنجاب ۾ معياري ٽيڪسٽائل پارڪ ٺاهيندو

اسلام آباد (م ڊ) چين جي رويي گروپ سنڌ ۽ پنجاب ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائل پارڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيني گروپ جي چيئرمين چيو ته سيڙپڪار نه پر پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان آيا آهيون، پارڪن جر پهرئين مرحلي ۾ 2 ارب ڊالر، ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب ڊالر جي برآمد جو امڪان آهي، ٽيڪسٽائل پارڪن جي پيڙهه جو پٿر هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم سان 9 رڪني چيني گروپ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته رويي گروپ سي پيڪ تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو، چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رهيو آهي. چيني گروپ چيو ته چين 100 وڏين ٽيڪسٽائل صنعتن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندو. وزيراعظم اسحاق ڊار جي دربراهي ۾ خاص ڪاميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ۽ رويي شيڊونگ گروپ ۽ سيڙپڪاري  بورڊ ۾ پارڪن بابت يادداشت تي صحيحون به ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.