جيڪب آباد (ڊ ر) جمعيت علماءَ اسلام جو ھڪ وفد جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ نئين ايس ايس پي صدام حسين خاصخيلي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ جي يو آءِ تعلقي جيڪب آباد جو امير مولانا عبدالجبار رند، چاڪر خان جکراڻي، قاري دلبر ڪنراڻي.تاج امروٽي ۽ معاويه بنگلاڻي به موجود هئا، وفد مختلف 10 نڪاتي ميمورينڊم لکت ۾ پيش ڪيا، انھن مسئلن ۾ امن امان، پوليو عورت سان زيادتي، جي يو آءِ اڳواڻن کي اغوا جي ڪوشش ۽ ڦرن. سنڌ ۽ بلوچستان سنگم ھجڻ سبب خريد فروخت لاءِ ايندڙن کي پوليس پاران تنگ ڪرڻ سان معاشي حب ۽ بزنس تباهھ ٿي رھيو آھي. ايس ايس پي جيڪب آباد صدام حسين خاصخيلي چيو ته ليڊي پوليو ورڪر سان زيادتي ڪيس سميت عوام کي تحفظ ۽ امن فراھم ڪرڻ اولين ترجيح آھي.