شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ ۽ مائٽن جي ڪچي ضمانت منظور

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: خالد وسير) ميرپور ماٿيلو جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ ٻين مائٽن مٿان داخل ٻن  ڪيسن ۾ 24 ڄڻن جي ڪچي ضمانت منظور ٿي وئي آهي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي سئوٽ صلاح گڏاڻي سميت 24 ڄڻا فرسٽ سول جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي هئي، ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي ٻن ڌار ڌار داخل ڪيسن ۾ نصر الله ڪيس جي ٻن شاھدن يعقوب ۽ صلاح گڏاڻي سميت 24 مائٽن جون ضمانتون منظور ڪيون ويون آهن، ميرپور ماٿيلي ۾ شهيد صحافي  نصرالله قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٿيل احتجاج کان پوءِ نصرالله جي وارثن مٿان 2 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جن ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي، سندس ٻين مائٽن دوستن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.