اسلام آباد(احمد منصور) خبرپختون خواهه ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي ايم جو اڻ اعلانيل سياسي اتحاد 11 تاريخ آڪٽوبر تي لويه جرگه ڪرائڻ جو اعلان. پي ٽي آءِ خيبرپختون خواهه ۾ هڪ نئين حڪمت عمليءَ تحت جوڙي پشتون قوم پرسٽيءَ کي تخريبي رخ ڏئي پنهنجي سياست کي نئون رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بنون ۾ ڪرايل هنگامن بعد هاڻي لويه جرگه جي سڏائڻ مان اهو اندازو پڪي نموني لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي تحريڪ انصاف، پي ٽي ايم سان پنهنجي سياسي عمل کي مضبوط نموني جوڙڻ شروع ڪيو آهي ۽ پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته خيبرپختون خواهه ۾ پي ٽي ايم سندس مضبوط اتحادي ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ قيادت کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪو ڪم اسد قيصر نه ڪري سگهيو يا علي امين گنڊه پور نه ڪري سگهيو اهو ڪم پي ٽي آءِ لاءِ منظور پشين ڪري سگهي ٿو
-
مينار پاڪستان وٽ جلسي جي اجازت نه ملي ته جلسو احتجاج ۾ تبديل ٿيندو:عمران خان
راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي جي حوالي سان چيو آهي ته جمهوريت ۽ آزادي بچائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ مينار پاڪستان تي جلسو ڪندو. لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر اجازت نه ڏني ته مينار پاڪستان خلاف احتجاج ڪيو ويندو. اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان الزام هنيو ته چونڊن کان اڳ به جلسي جي اجازت ناهي ڏني وئي ۽ اڃا به روڪيو پيو وڃي. اسان کي لاهور ۾ ڏيڍ سال کان جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي، جڏهن ته جلسو ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي.
-
وزيرستان ۾ عادلپور واسي سميت 6 اهلڪار شهيد، 12 دهشتگرد مارجي ويا
راولپنڊي/عادلپور (م ڊ+اسلم مهر) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلي دوران 12 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپ جا 2 واقعا پيش آيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر کي ڏٺو ويو، جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپنوام ۾ انهن دهشتگردن کي ڳولي ورتو ۽ انهن کي ڀرپور طريقي سان گهيري 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي دهشتگردن جي هڪ ٽولي سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي. گهرو وزير حملي ۾ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 6 بهادر جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد عادلپور واسي فوجي جوان پرويز ڪلهوڙي جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ شيخاڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد کيس فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
-
چيف جسٽس کي گاريون ڏيڻ آسان ڪم آهي: قاضي فائز عيسيٰ
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ثمينه ملڪ جي عدالتي ڪمري مان وڃڻ وقت صحافين جو ڪمرا عدالت کان ٻاهر ايندڙ صحافين تي چيف جسٽس ڪاوڙ ۾ اچي ويو، چيف جسٽس چيو ته 3 کان 4 ڪرائي جا صحافي ٻاهر وڃي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ سرڪاري يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلرن جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اسلامڪ يونيورسٽي جي ريڪٽر ثمينه ملڪ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ اسلاميه يونيورسٽي جي وڪيل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن تي اسلاميه يونيورسٽي جي وڪيل ريحان الدين ايڊووڪيٽ چيو ته توهان الزام لڳايو آهي ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جعلي آهي؟ ڊاڪٽر ثمينا کي ڏسي وٺو، سرٽيفڪيٽ ڪئين جعلي آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي اسلامي يونيورسٽي جي وڪيل اعتراض واريندي وڪيل چيو ته توهان بورڊ ميمبر جي حيثيت سان اجلاس ۾ سمورا سوال پڇيا هئا، توهان به بورڊ جا ميمبر آهيو تنهنڪري مناسب هوندو ته اوهان هن ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪيو . جنهن تي چيف جسٽس چيو ته قانون موجب چيف جسٽس يا ان جو نمائندو ڪيترين ئي يونيورسٽين جي بورڊ جو ميمبر آهي، جڏهن معلومات نه ڏني وڃي ٿي، منهنجي ڪنهن خانداني فرد جو مسئلو هجي ها ته اعتراض جائز هو، اوهان جيڪي ڪرائي جا ماڻهو پروپگينڊا لاءِ رکيا آهن انهن کي به ڏسي وٺنداسين. ٻڌڻي جي وقفي کانپوءِ چيف جسٽس ۽ وڪيل ريحان الدين گولڙا ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اسلامڪ يونيورسٽي جي وڪيل ريحان الدين چيو ته توهان الزام لڳايو هو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جعلي آهي، ڊاڪٽر ثمينه جي حالت ڏسو، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جعلي ڪيئن آهي؟، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين دستاويزن ۾ نالا مختلف آهن ته شڪ پيدا ٿيندو. وڪيل چيو ته هن رڳو هڪ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي پر ٻين ۾ آن لائين شرڪت ڪئي.