ڪراچي/ سنڌڙي (رپورٽر+ ڪاشف علي شر+پ ر) ميرپورخاص ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري واقعي جو سنڌ حڪومت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ واقعي جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو، ٻئي طرف سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کي واقعي جي غيرجانبدار جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيي کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو۽ ايس ايس پي بدين شيرار نذير ڪميٽي ميمبرن ۾ شامل آهن، ڪميٽي پاران 7 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي ويندي، ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوهدري کي عهدي تان هٽائي سندس چارج ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺار حوالي ڪئي وئي آهي
-
ڊاڪٽر شاهنواز واقعو مذهبي انتهاپسندي آهي: عوامي ورڪرز پارٽي
ڪراچي (پ ر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار واقعو حڪومت پاران سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي تڪليف ڏيندڙ مثال آهي، ڪنهن به شخص کي مذهبي الزام تحت اغوا ڪري قتل ڪرڻ غيرآئيني ۽ غيرانساني عمل آهي، هي واقعو قانون ۽ انصاف جي بنيادي اصولن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، توهين مذهب جي الزام جو استعمال اڪثر بنا ڪنهن ثبوت جي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ سڄي عمل دوران پوليس پاڻ جج بڻجي فيصلا ڪرڻ لڳندي آهي.
-
اسيمبلي ۾ڊاڪٽر شاهنواز واقعي جو پڙاڏو، منهنجي آءِ ڊي هيڪ ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟: لنجار
ڪراچي (رپورٽر )سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاھه جي صدارت ھيٺ ڪالهه جمع تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ گريجوئيشن بابت نئين ترميمي بل سميت سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ جي سيڪشن 13 ۽ 20 ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي، جنهن جي منظوري ڏني وئي. نئين قانون مطابق پهرين جولاءِ 2024ع کان ڀرتي ٿيل سرڪاري ملازمن کي نئين قانون تحت گريجوئيٽي پينشن ملندي، هر ھڪ سرڪاري ملازم 20 سالن جي سروس کانپوءِ رٽائرمينٽ ۽ پينشن جا فائدا حاصل ڪري سگهندو. نئين ترميمي قانون تي عملدرآمد کانپوءِ سرڪاري ملازم ڪنٽريبيوٽري پينشن جا فائدا حاصل ڪندا، پھرئين جولاءِ 2024ع کان اڳ ڀرتي ڪيل ملازمن کي موجوده ضابطن مطابق پينشن جو حق ڏنو ويندو، فوتگي جي صورت ۾ ملازم جي خاندان کي نئين قانون تحت پينشن ملندي،نئون قانون حڪومت جي مالي خرچن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، جڏهن ته ترميمي بل ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو . سنڌ حڪومت هر سال اربين رپيا پينشن جي مد ۾ ادا ڪندي آهي، 2015ع کان 2019ع تائين سنڌ حڪومت جي ڪرنٽ اڪائونٽ خرچن ۾ 18 سيڪڙو جڏهن ته گذريل سالن ۾ ملازمن جي پينشن جي خرچن ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم سنڌ سول سرونٽس ترميمي ايڪٽ جي نافذ ٿيڻ سان لاڳو ٿيندي، حڪومت ۽ ملازم هر مهيني پنهنجو حصو پينشن فنڊ ۾ جمع ٿيندو، ايوان پنهنجي ڪارروائي دوران سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن ترميمي بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني، جنهن تحت اداري جو انتظامي ڪنٽرول صحت کاتي کان اسپيشل پرسنز کاتي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي گذريل ڏھاڙي ايوان ۾ راندين واري کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران اطمينان بخش جواب نه ملڻ تي حڪومت کي آگاهه ڪندي چيو تھ راندين واري پارلياماني سيڪريٽري صائمه آغا کان سوال ڪيا پيا وڃن، انهن کي مڪمل معلومات نه آهي، جنھن تي صائمھ آغا چيو ته منهنجي کاتي جا آفيسر موجود آهن، سوالن جي وقفي دوران ايوان کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ راندين جا 239 ميدان آهن. سوالن جي وقفي دوران پ پ جي نادر مگسي چيو ته ڪار ريسلنگ هڪ دلچسپ راند آهي ۽ هر ڪنهن کي پسند آھي، حڪومت کي هن راند جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، صائمه آغا ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ سطح تي قومي رانديون منعقد ڪرڻ جو پروگرام آهي، ملاکڙو اسٽيڊيم، ايٿليٽڪس ٽريڪ ۽ فٽبال گرائونڊ تعمير ڪيا ويا آھن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي تھ ختم نبوت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ناموس رسالت لاءِ اسان جي جان ۽ اولاد جون جانيون به قربان آهن، پر ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اھڙيون ڳالھيون ھن سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ عمرڪوٽ واقعي تي ڳالھيون ڪندي ڪيون. گهرو وزير چيو ته عمرڪوٽ ۾ سوشل ميڊيا تي توهين آميز مواد اپ لوڊ ڪيو ويو، جنهن تي ماڻهن ۾ ڪاوڙ پکڙجي وئي، هن چيو ته ڊاڪٽر شاهه نواز کي ميرپورخاص ۾ قتل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلو ٿيو هو، جڏهن ته ماڻهو چون ٿا ته اهو عدالت کان مٿانهون قتل هو، ان حوالي سان گذريل رات جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.اھڙي واقعي تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي معطل ڪيو ويو آهي. اھڙي واقعي تي ايڇ او سنڌڙي سميت ٻين ڪيترن ئي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آھي، اهي پوليس آفيسر جاچ مڪمل ٿيڻ تائين معطل رهندا. هن چيو ته اسان يا لاڳاپيل آفيسر انفرادي طور تي پاڻ جج ناهيون جو پاڻ ئي فيصلو ڪيون. گهرو وزير چيو ته عمرڪوٽ واقعي تي مذهبي جماعتن ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آھي، مان به سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهيس، جيڪڏهن منهنجي فيس بوڪ آءِ ڊي هيڪ ٿي وڃي ته منهنجو ڇا ٿيندو؟، هن چيو ته ڪنهن به ردعمل کان اڳ معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ ضروري آهي، جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو تھ 80 سيڪڙو ماڻهو بغير تحقيق، تصديق جي سوشل ميڊيا تي مواد شيئر ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي عبدالوسيم چيو آهي ته عمرڪوٽ واقعي تي گهرو وزير جو قدم ساراهه جوڳو آهي. جنهن بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام تائين ملتوي ڪيو ويو.
-
رياست کي وڌندڙ انتهاپسندي خلاف قدم کڻڻ گهرجن: ايڇ آر سي پي
اسلام آباد (م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪوئيٽا ۽ عمرڪوٽ ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ ٻن ماڻهن جي قتل تي سخت ڳڻتي آهي.جمعي تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو ته توهين رسالت جي الزام ۾ تشدد ۽ ان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مبينا ملوث هجڻ هڪ پريشان ڪندڙ رجحان آهي.ايڇ آر سي پي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي ۽ عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر جي موت جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هيومن رائيٽس ڪميشن وڌيڪ چيو آهي ته رياست کي وڌندڙ انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.
-
سانا طرفان ڊاڪٽر شاھنواز واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو
واشنگٽن ڊي سي (پريس رليز) اتر امريڪا ۾ سنڌين جي تنظيم سانا طرفان ميرپور خاص ويجھو سنڌڙي پوليس ھتان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي قتل جي مذمت ڪندي ڪيس جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. سانا جي بيان ۾ چيو ويو آھي تھ پوليس عملي جي معطلي ۽ انتظامي انڪوائري ڪافي ناھي، ملوث پوليس عملي کي، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي فورن گرفتار ڪري عدالتي انڪوائري ڪئي وڃي. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر جاري ڪيل بيان ۾ چيو تھ سنڌ جي پرامن ماحول کي ۽ سھپ ۽ رواداري جي قدرن کي منظم طريقي سان ختم ڪيو پيو وڃي، ڇو تھ ٽن ڏينھن ۾ اھو سچو واقعو ڪيئن ظاھر ٿيو ۽ ملزم قتل بھ ٿي ويو. ڪنھن بھ الزام ھيٺ آيل ملزم کي عدالت ۾ پيش ڪري،ملڪي قانوني گھرجن مطابق سندس موقف ٻڌو وڃي ھا، پوليس ۽ جنوني ھجوم الزامن جا فيصلا نھ ٿا ڪري سگھن، جي ائين ملڪ جو وھنوار ھلايو ويو تھ ملڪي قانون ۽ عدالتي نظام جو ھجڻ جو ڪھڙو ڪارج بچندو. سانا سمجھي ٿي سنڌ ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ھجي نھ ڪي جنوني ھجومن جي جيڪي الزام ھيٺ آيل ماڻھن جا فيصلا پاڻ ڪن
-
سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران جاچ جو مطالبو
ڪراچي (پ ر)جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن ميرپورخاص ۾ توهين رسالت جي جوابدار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي ماورائي عدالت قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.