پاڪستان پاران افغان سفارتخاني جي وضاحت رد

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان افغان قونصلر جنرل طرفان قومي تراني جي بي حرمتي جي معاملي تي افغانستان جي سفارتخاني جي وضاحت کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته قومي تراني جي بي حرمتي عالمي قانونن جي خلاف آهي. هن چيو ته افغان  ناظم الامور محب الله شاڪر هڪ ويلڊ ويزا تي پاڪستان ۾ موجود آهي، پرڏيهي سفارتڪارن سان ملاقاتون ۽ کين دعوت ڏيڻ جون گائيڊ لائنز هونديون آهن، اسان حڪومتي ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي انهن گائيڊ لائنز تي عمل جي درخواست ڪريون ٿا. پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو هفتيوار بريفنگ ڏيندي چوڻ هو ته لبنان ۾ تازن حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

  • حزب الله ۽ اسرائيل ۾ وڏي جنگ جو خطرو

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وحشياڻي ڪارروائي کانپوءِ حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ وڏي جنگ جو خطرو پيدا ٿي ويو، اسرائيل هزارين فوجي غزا جي پٽي کان لبنان سرحد تي منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. لبنان ۾ پيجر ۽ ريڊيو ڊيوائس ڌماڪن کانپوءِ حزب الله ۽ اسرائيل ۾ باقاعده جنگ  شروع ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، اسرائيلي عملدارن به جنگ جو نئون مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير اتر اسرائيل ۾ لبنان جي سرحد تي رهندڙ آبادڪارن جي واپسي جا بيان ڏنا. اسرائيلي بچاءَ واري وزير جنگ جي نئين مرحلي جو اعلان ڪندي اسرائيلي فوج جي 10 کان 20 هزار فوجين تي ٻڌل ڊويزن 98 کي غزا کان لبنان جي سرحد تي موڪلڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي حزب الله طرفان اسرائيلي فوج کي اينٽي ٽينڪ ميزائل ۽ راڪيٽن سان نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي زخمي ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.