لبنان ۾ اسرائيل جو پيجرو ڊوائيس وسيلي ٿيل نئون جنگي حملو

ٽيڪنالاجيءَ جي جنگ ڪهڙا روپ ڌاري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ لبنان ۾ اسرائيل جنگ ۽ حملن جو هي نئون طريقو اختيار ڪيو آهي. لبنان ۾ سوين حزب الله ويڙهاڪن وٽ رابطي لاءِ جيڪي پيجر ڊوائيس آهن انهن کي هيڪ ڪري انهن کي ڌماڪي سان ڦاڙيو ويو آهي. ائين سمجهو ته ٽيڪنالاجيءَ وسيلي حزب الله جي هر ويڙهاڪ جي هٿ ۾ موجود سندس ئي پيجر کي هڪ بم ۾ تبديل ڪيو ويو.

شروعاتي اطلاعن موجب حزب الله جي سوين ويڙهاڪن سميت 2750 ماڻهو  ڦاٽندڙ پيجرز سبب شديد زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال پهچايو پيو وڃي. هينئر تائين اٺن ماڻهن جي مارجڻ جي به تصديق ٿي آهي ۽ 200 زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. زخمين ۾ لبنان ۾ مقرر ايراني سفير بِ شامل آهي. اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون آهن.

ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪيل هي ان نوعيت جو پهريون حملو آهي. جنگي ٽيڪنالاجي نوان روپ اختيار ڪري رهي آهي. پيجر وسيلي اهو حملو ٿيو ان جو مطلب آهي ته موبائيل فون وسيلي به اهڙي ڪارروائي ممڪن آهي

( نصير ميمڻ جي پوسٽ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.