سنڌ جي تاريخ ريٽي رت جي قربانين سان ڀري پئي آھي ھتي تمام گھڻا اھڙا واقعا ٿيا آھن جن جو اڄ ڏينھن تائين ڪوبه سدباب نه ٿي سگھيو آھي، اھو سلسلو ھلندو ٿو اچي ۽ تاريخ جا صفحا ڪاري باب سان ڀريا پيا آھن ھڪ اھڙو ئي تاريخ جي خوني باب جو اڻ وسرندڙ واقعو ته 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات شھيد ذالفقارعلي ڀٽي جي وڏي فرزند مير مرتضي ڀٽي ۽ سندس ساٿين جي شھادت جو واقعو ٿيو جيڪو 70 ڪلفٽن جي بنگلي جي ويجھو پيش آيو.
ھڪ سوچيل سمجھيل سازش ۽ مڪمل پلاننگ تحت ڪلفٽن جي علائقي جون لائٽون بند ڪري پوري ڪراچي جي پوليس ۽ اعلى عملدارن گھاٽن وڻن ۾ مورچا بند ٿي ڪري مير مرتضى ڀٽي جي واپسي جو انتظار ڪري رھيا ھئا ته جئين ئي ھن جو قافلو اچي ته کيس ختم ڪيو وڃي اھڙي خطرناڪ ۽ خوني پلاننگ ان وقت جي پوليس جي سربراهه شعيب سڊل جي نگراني ۾ تيار ڪئي وئي ھئي ۔پوليس جا عملدار ۽ سپاھي اھڙي نموني مورچا ٺاھي ويٺا جيئن ڪو جنگ جي بارڊر تي ويھي دشمن تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪندا ھجن جيئن ئي مير مرتضي ڀٽي ۽ ان جي ساٿين جو قافلو جيڪي ڇھن ڄڻن تي ٻڌل هو جيڪي سندس باڊي گارڊ جي طور تي سدائين گڏ ھوندا ھئا جئين ئي پنھنجي گھر جي ويجھو پھتا ته چئني طرفن کان ڇتي فائرنگ شروع ٿي وئي مير مرتضي جا ڇهھ ئي باڊي گارڊ موقعي تي ئي شھيد ٿي ويا جن ۾ مير مرتضي جو ويجھو ساٿي پ پ شھيد ڀٽو سنڌ جو صدر عاشق حسين جتوئي به شامل ھو جيڪو ان سان گڏ ويٺل ھو.مير مرتضى ڀٽو شديد زخمي حالت ۾ واقعي واري ھنڌ تي موجود رھيو پوليس ويجھو ايندي کانس ڊڄي رھي ھئي جڏھن انھن کي پڪ ٿي ته ھي مڪمل ختم ٿي چڪو آھي ته کيس ويجھي اسپتال ۾ پھچايو ويو پر ھو زخمن جا تاب نه سھندي ھميشه جي لاءِ امر ٿي ويو.
اڄ انھيءَ خوني واقعي کي ستاويھه سال ٿي ويا آھن پر ان ۾ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگھي آھي ۔صرف انھي سال پ پ جي حڪومت ختم ڪري نگران حڪومت قائم ٿي وفاقي حڪومت جون واڳون خود پ پ جي ئي منحرف اڳواڻ فاروق لغاري جي حوالي ٿيون. سنڌ ۾ ڏھيسر سنڌ ممتازعلي ڀٽي کي صرف ٽن مھينن لاءِ نگران وزيراعلى بڻائي کيس عام چونڊون ڪرائڻ جون ذميواريون سونپيون ويون انھيءَ تمام گھٽ ٽائيم ھوندي به ٻين مسئلن کي منھن ڏيڻ کان علاوه ڏھيسر سنڌ مير مرتضى ڀٽي جي قتل ڪيس کي فائل ڪري فوري انڪوائري ڪرڻ ۽ ان ڏوهه ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏيڻ لاءِ حُڪم جاري ڪيا پر ٽن مھينن جي ٿوري ٽائيم ۾ صرف ڪيس فائل ٿي سگھيو پوليس عملدارن چالاڪي ڪندي سڀ نشان ۽ شاھديون ختم ڪري ڇڏيا واقعي جي مک گواه کي پنھنجي گھر ۾ ئي گولي ھڻي ماريو ويو جئين ان ڪيس جا ثبوت ختم ڪيا وڃن ڪجهھ اعلى عملدار ملڪ کان ٻاھر فرارٿي ويا. ايئن ھي قتل ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ اڄ ڏينھن تائين خبر نه پئجي سگھي ته ان سازش پٺيان ڪنھن جو ھٿ ھو ڪنھن جي چوڻ تي ھي خوني واردات ڪئي وئي ۔تاريخ ۾ اھڙا ڪيئي واقعا رونما ٿين ٿا جن جا نشان ڪونه ٿا ملن ۽ اھي صرف ھڪ ياد جي طور تي عوام جي دلين تي رھجي وڃن ٿا ۔عوام کي پ پ جي چونڊيل حڪومت مان وڏيون اميدون ھيون ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِکين انصاف ملندو ۽ قاتلن کي ڦاھي تي چاڙھيو ويندو پر ائين نه ٿي سگھيو. جو 2007ع ۾ ئي سندس ڀيڻ ملڪ جي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي ئي گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو ۽ ايئن ئي ان جي شھادت جا نشان مٽايا ويا ان مان اھو پئي ظاھر ٿيو ته ٻنھي واقعن جا قاتل ھڪ آھن ۽ ٻنھي واقعن ۾ ھڪجھڙائي آھي. ڪيس جئين جو تئين رھيو ڪابه اڳ ڀرائي نه ٿي سگھي مير مرتضى ڀٽي جي چاھيندڙ جون اکيون ھر چونڊيل حڪومت ۾ کتل ھونديون آھن ۽ اھي انصاف لاءِ آس لڳائي ويٺا آھن ته ڪڏھن نه ڪڏھن مير جي قاتلن کي ڦاھي تي چاڙھيو ويندو پر مڪمل نااميدي ۽ مايوسي کان سواءِ ڪجھه به نه ٿي سگھيو اھو قتل ڪيس پاتال ۾ ٻڏي ويو آھي جنھن جي واپسي ناممڪن نظر اچي رھي آھي.
ھرسال جيان ھن سال به شھيدن کي ياد ڪري انھن تي گل ۽ ڏيئا ٻاري سگھجن ٿا جيڪو اسان جي وس ۾ آھي اھو اسان ڪري سگھون ٿا اھو قتل ڪيس اڃان تائين رولڙي جو شڪار آھي.