اسلام آباد (م ڊ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني ترميمن تي حڪومت جو مسودو مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر جي رهائشگاهه تي مانجهاندي کانپوءِ صحافين سان گفتگو ڪندي فضل الرحمان چيو حڪومت چوي ٿي ته پيش ڪيل مسودو اسان جو نه هو، جيڪو مسودو اڳ ۾ فراهم ڪيو ويو اها ڇا راند هئي؟ مطالعي کانپوءِ اهو مسودو ڪنهن به ريت قبولڻ جوڳو نه آهي، ان جو ساٿ ڏيڻ قوم سان وڏي خيانت هوندي. هن چيو ته ڊرافٽ ڪنهن کي ڏنو ويو، ڪنهن کي نه ڏنو ويو، اها ڪهڙي راند هئي؟ پر جيڪو ڪجهه اسان کي ڏنو ويو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ان ترميم تي حڪومت جو ساٿ ڏيون ها ته قوم سان ان کان وڏي خيانت نه ٿي سگهي ها. صحافي مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته عمران خان آئيني ترميم ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان چيو آهي ته هو ان بابت قطعي ڪجهه نٿو چئي سگهي، ان تي توهان ڇا چوندا، جي يو آءِ سربراهه چيو ته مان به ان تي ڪجهه نٿو چئي سگهان. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جي رهائشگاهه تي پهچڻ تي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسد قيصر به مون وٽ ايندو رهندو آهي انهي منهنجي گهڻي ماني کاڌي آهي، هاڻ آئون پاڻ سندس ماني کائڻ آيو آهيان.