ڪراچي (رپورٽر)ڪراچيءَ ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جا شڪي ڪيس وڌي ويا آهن. جي پي ايم سي جي جنرل فزيشن ڊاڪٽر فيصل جاويد موجب جناح اسپتال ۾ روزانو 50 مريض ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جي علامتن سان اچي رهيا آهن. سول اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر عمران سرور پڻ چڪن گونيا جي مريضن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر عمران سرور چيو ته مهانگين ٽيسٽن سبب شهري چڪن گونيا جي مرض جي ٽيسٽ نٿا ڪرائي سگهن. ٻئي طرف صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو هن سال سنڌ ۾ چڪن گونيا جي 140 ڪيسن جي تصديق ڪندي مليريا ۽ ڊينگي جي صورتحال کي بهتر قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو ته ڊينگي ۽ مليريا کي نظر ۾ رکندي مڪاني ادارن کي اسپري مهم هلائڻ لاءِ چيو آهي. صحت کاتي موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ ڊينگي جا 1394 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان 1229 ڪيس ڪراچي جا آهن. مليريا جا 1 لک 81 هزار 589 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 88 هزار 145 ڪيس ڪراچي جا آهن.