ڪراچي جي سول لائين ٿاڻي اندر جوابدار مٿان تشدد واري وڊيو وائرل، ايس آءِ او معطل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سول لائين ٿاڻي ۾ گرفتار جوابدار مٿان پوليس جو تشدد وڊيو وائرل، ڊي آئي جي سائوٿ سيد اسد رضا وقعي جو نوٽيس وٺندي ايس آءِ او سول لائين عبدالرشيد دايو کي معطل ڪري ڇڏيو.سول لائين ٿاڻي ۾ گرفتار جوابدار مٿان پوليس تشدد ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڊي آءِ  جي سائوٿ سيد اسد رضا فوري طور تي نوٽس وٺندي سول لائين ٿاڻي جي انويسٽيگيشن آفيسر ايس آءِ  او عبدالرشيد دايو کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.