اسلام آباد(م ڊ) نيشنل پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته حڪومت ڪجهه آئيني ترميمن تي نيشنل پارٽي سان مشاورت ڪئي آهي، نيشنل پارٽي سندن حمايت ڪندي، هن چيو ته جن آئيني ترميمن تي صلاح مشورا ڪيا ويا آهن، انهن ۾ آئيني عدالت جي قيام بابت ترميم شامل آهي، جنهن جي نيشنل پارٽي حمايت ڪندي، هن چيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن ۾ ججن جي مقرري لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ پارليامينٽ جا ميمبر به شامل ڪيا ويندا ۽ ٻه ميمبر اپوزيشن ۽ 2 حڪومت جا هوندا.هن چيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن تحت فلور ڪراس ڪندڙ ميمبر کي نااهل قرار ڏنو ويندو.جان محمد بليدي چيو ته اڳ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي اتفاق نه ٿيڻ تي معاملو 90 ڏينهن تائين لٽڪندو هو پر هاڻي جيڪڏهن 90 ڏينهن تائين اتفاق نه ٿيو ته اهو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن به ويندو.هن چيو ته اڳ ۾ آرمي چيف کي هٽائڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ هوندو هو پر تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ آرمي چيف کي هٽائڻ جو اختيار پارليامينٽ وٽ هوندو، ٻي پاسي نيشنل پارٽي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪندي. آئيني ترميمن جي حمايت ڪئي ويندي، بلوچستان جو سڀ کان اهم مسئلو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي آهي، جيستائين اهو مسئلو حل نه ٿيندو، تيستائين بلوچستان ۾ امن قائم ٿيڻ ممڪن ناهي.