حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد جي مشھور بلڊر رھائشي رٿا دعا آئيڪون خلاف الاٽيز ڪالهه بلڊر جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر الاٽيز قرت العين لغاري، دليپ ڪمار، ايڊووڪيٽ بختيار پنھور، عالم پالاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته آئيڪون پراجيڪٽ سال 2019 ۾ شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ 4 سئو الاٽيز آھن. بلڊر انھن سمورن الاٽيز سان 4 ارب رپين جو فراڊ ڪيو آھي. ھنن چيو ته شمس آئيڪن جي نالي سان رٿا شروع ٿي جنھن جو بعد ۾ بلڊر نالو تبديل ڪري دعا آئيڪون ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته دعا آئيڪون بلڊر اسان جا پئسا ھڙپ ڪرڻ چاھي ٿو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي به نوٽيس جاري ڪيا آھن. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بلڊر خلاف ڪارروائي ڪري کين پنھنجو حق ڏياريو وڃي. ھوڏانھن دعا آئيڪون بلڊر جي سي اي او دعا ميمڻ چيو ته اسان جي خلاف بنا جواز احتجاج ڪيو ويو آھي. حقيقي الاٽيز کي فائل ملي چڪا آھن. ھن چيو ته ڪجهه عنصر اسان خلاف سازش تحت احتجاج ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته خانداني ملڪيت جي سبب جي ڪري شمس بلڊر مان دعا آئيڪن نالو رکيو آھي.