اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ آئيني ترميم ڪئي پئي وڃي پر ڄاڻايل قانونسازي وسيع عوامي مفاد ۾ ڪئي پئي وڃي. هڪ وڊيو پيغام ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم جي حوالي سان اسان پراميد ۽ پرعزم آهيون، نمبر گيم ۾ حڪومت کي ڪو مسئلو نه ٿيندو. هن چيو ته ڄاڻايل قانونسازي جو اجتماعي طور تي فائدو ٿيندو، آئيني ترميم جو مقصد تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي آهي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ جو چوڻ هو ته مسئلو پاڪستان جي عوام جو آهي ته ان کي جلدي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ سڌارا آڻيون. هن چيو ته هي قومي نوعيت جا اهي معاملا آهن جن سان پاڪستان جي عوام کي جلد کان جلد فائدو ملڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جو پراڻو ساٿي آهي. ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ٿيون.