حڪومت جلدبازي ۾ ترميم نه آڻي ها ته پي ٽي آءِ غور ڪري ها:علي ظفر

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سينيٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ علي ظفر چيو آهي ته حڪومت بدانتظامي ۽ جلدبازي ۾ ترميم نه آڻي ها ته پي ٽي آءِ عدالتي پيڪيج تي ضرور غور ڪري ها، هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان حڪومت جو نمبر گيم اوور ٿي ويو آهي، اسان جي سمورن آزاد ميمبرن پارٽي الحاق جا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا آهن، سينيٽ ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت آئيني ترميمن کي لڪائي ان کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي،   هن چيو ته حڪومت جا انگ اکر پورا نه ٿي رهيا آهن ان ڪري ٻيا قدم کڻي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.