اختر مينگل پاران ترميمن جي حمايت بدلي گم ٿيل 2 هزار ماڻهن جي بازيابي جو شرط

اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل (بي اين پي مينگل) جي سربراهه اختر مينگل تجويز ڪيل آئيني ترميم جي منظوري لاءِ حمايت جي بدلي ۾ بلوچستان جي 2 هزار گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو شرط رکي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم لاءِ گهربل ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بلوچستان نيشنل پارٽي سان رابطو ڪيو، ذريعن موجب اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل سان رابطو ڪيو آهي، بي اين پي جي وقتي صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ رابطو ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته سردار اختر مينگل کان علاوه حڪومتي عملدارن مون سان به رابطو ڪيو آهي، اسان حڪومتي عملدارن کان پڇيو آهي ته جيڪڏهن اهي ترميمون عوام جي فائدي لاءِ آهن ته پوءِ انهن کي راز ۾ ڇو رکيو پيو وڃي ؟ ساجد ترين ايڊووڪيٽ چيو ته اسان حڪومتي عملدارن کي چيو ته آئيني ترميمن جو مسودو 3 مهينا اڳ منظر عام تي اچڻ گهرجي ها، اسان چيو آهي ته جيستائين آئيني ترميمن جو مسودو نه ايندو تيستائين پارٽي جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته پارٽي سربراهه گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ به شرط رکيو آهي، پارٽي حڪومت کي 2 هزار گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ فراهم ڪندي، پارٽي جي حمايت لاءِ آئيني ترميمن جي منظوري کان اڳ انهن 2 هزار ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي، ساجد ترين ايڊووڪيٽ چيو ته بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن مان بلوچستان کي ڪو به فائدو نه پهچندو، جيڪڏهن حڪومت بلوچستان کي فائدو ڏيڻ چاهي ٿي ته سيٽون وڌائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.