پارليامينٽ جي غلط فهمي ۽ اسپيڪر جي معاملا فھمي

تحرير: وسعت الله خان

قومي اسيمبلي جي عزت ماب  اسپيڪر اياز صادق جي وس ۾ جيڪو ڪجهه ھو، ھن ڪري ڇڏيو. اخباري  اطلاعن موجب اڱاري جي صبح اٽڪل  ٽي وڳي  پارليامينٽ جي احاطي ۾ گھڙي ايندڙ ٻٽ ٻڌلن جي ھٿان تحريڪ انصاف جي  لڳ ڀڳ ڏھن اسيمبلي جي ميمبرن کي کڻي  ٻاهران بيٺل  پوليس حوالي ڪرڻ واري آپريشن  جو سخت نوٽيس وٺندي اسپيڪر صاحب پارليامينٽ جي حفاظتي عملي جي سربراھه (سارجنٽ ايٽ آرمز) سميت پنجن سيڪيورٽي اھلڪارن  ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کان ورتل ڪجهھ ھيٺين درجي اليڪٽريشن ٽائپ ورڪرز کي معطل ڪري ڇڏيو. (بھرحال شديد مھانگائي کي نظر ۾ رکندي انھن جون پگهارون بند نھ ٿيون آھن)

انهن سيڪيورٽي اهلڪارن جو فرض هو ته اھي پارليامينٽ جي احاطي ۾ گھڙندڙن سان مزاحمت ڪن ھا ۽ عمارت جي بجلي عارضي طور تي معطل ڪرڻ  وارا ’پراسرار حڪم‘ نھ مڃين ھا. (جيتوڻيڪ اهو ڪم تھ وڏا وڏا طرم خان نھ پيا ڪري سگھن، اھي تھ ٿيا، ويچارا مسڪين سرڪاري اھلڪار…)عزت ماب اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪري  ھن جي لفظي طور سخت ڪن مھٽ بھ ڪئي. شايد جناب اسپيڪر، آءِ جي کان اھو پڇاڻو بھ ڪيو هجي ته ٻاھر تھ توهان جي پوليس  بيٺي هئي. پوءِ ٻٽ ٻڌل اندر ڪئين گھڙيا ؟  اهي توھان جا ماڻھون هئا يا وري  آسماني ھئا. انهن کي ڪنهن موڪليو  ؟

ان تي آءِ جي صاحب شايد ڪلھا سڌا ڪري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هجي يا ” سر ،اسين انھن ماڻھن تائين  انشاءَ الله جلد پهچي وينداسين.“ نما ڪا خاطري ڪرائي ھجي. جيئن تھ اسلام آباد جو هر آءِ جي هر عدالت ۾ طلب ڪرڻ بعد ڪرائيندو آهي.شايد اسپيڪر صاحب ،آءِ جي صاحب کي اهو به چيو هجي ته جن ماڻھن  پارليامينٽ جي احاطي جي حرمت پائمال ڪئي انھن جي خلاف منھنجي مدعيت ۾ ڪيس  داخل ڪيو وڃي. شايد آءِ جي صاحب  ان تي بھ  ”جي سر، جي سر“ چوندي چيو ھجي ته ” اسان کي ابتدائي جاچ مڪمل ڪرڻ ڏيو، پوءِ توھان جيڪو بھ چوندا، سو ڪري وٺنداسين، انشاءَ الله “خير ،ان  واقعي جي” آزاد ۽ شفاف جاچ“ جي لاءِ هڪ ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ چئن سينئر بيوروڪريٽس تي ٻڌل جاچ  ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.اھا ڪميٽي پارليامينٽ جي سيڪيورٽي انتظامن ۽ ان جي احاطي اندر“ غير واسطيدار عنصرن “ جي چرپر بابت رپورٽ تيار ڪندي. پوءِ رپورٽ جو ڇا ٿيندو؟ اهو واضح ناهي.

پر ڇنڊڇاڻ  شروع ٿيڻ کان اڳ ئي جناب اسپيڪر جي جماعت  مسلم ليگ ن جي حڪومت جي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ امڪاني جاچ جي ٻيڙي ۾ اھو چئي ڪري سوراخ ڪري ڇڏيو تھ ڪنھن اسيمبلي جي ميمبر کي پارليامينٽ جي عمارت ۾ گھڙي ڪري تحويل ۾ نھ ورتو ويو آھي. البتھ سي سي ٽي فوٽيج ۾، صرف ٻه اسيمبلي رڪن ڏيکارجن پيا، جن کي پارليامينٽ هائوس جي سروسز برانچ مان پڪڙيو ويو.(يعني اطلاعات وارو وزير اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته اسپيڪر صاحب  ناقص معلومات جي بنياد تي اھلڪارن جي معطلي جو فيصلو ڪيو آهي، اسپيڪر صاحب  کي تھ شايد اهو  به ناهي معلوم  ته پارليامينٽ جي سروسز برانچ پارليامينٽ جي احاطي ۾ ضرور آهي پر پارليامينٽ جو حصو نه آهي. تنھن ڪري اتي جيڪو ڪجهه بھ  ٿئي پارليامينٽ جي ڪسٽوڊين جي اختيار واري دائري کان ٻاهر آهي.)اسپيڪر صاحب پارليامينٽ جي ڪارروائي کي بهتر انداز ۾ هلائڻ لاءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن تي ٻڌل ھڪ ارڙھن  رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي. ( بلڪل ائين جيئن محرم ۽ ربيع الاول جي موقعي تي امن ڪميٽيون ٺاهيون وينديون آهن).

پاڪستان جي تاريخ ۾ پارليامينٽ جي احاطي ۾ گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. مثال طور 23 سيپٽمبر 1958ع تي ڍاڪا يونيورسٽي جي جگن ناٿ هال ۾  ٿيندڙ اوڀر پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ رد ٿيڻ تي سر ڦٽول ٿي ۽  اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر ڊپٽي اسپيڪر شاهد علي پٽواري جي مٿي ۾ پيپر ويٽ ھڻي ڪڍيو. چئن ڏينهن بعد زخمي ڊپٽي اسپيڪر اسپتال ۾ ھلي ُچريو.

سن 1975 ۾ اسٽيٽ بينڪ آف اسلام آباد جي ھال ۾ منعقد ٿيندڙ قومي  اسيمبلي ۾مخلاف ڌر جڏھن ھنگامو ڪيو تھ اسپيڪر جي حڪم تي سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ ان جي سيڪورٽي عملي مولانا مفتي محمود سميت مخالف ڌر جي ڪئي ميمبرن کي ٽنگاٽولي ڪري پارڪنگ لاٽ ۾ احترام سان زمين تي رکي ڇڏيو ھو.اڄ ڪلھھ پارليامينٽ ۾ حڪمران مسلم ليگ ن جا ميمبرن ھنگامي ۽ اڻ وڻندڙ لفظن جي استعمال جو پٽڪو  پي ٽي آءِ جي ڪاوڙ ۾ ڀريل  ميمبرن جي مٿي تي ٻڌايئن ٿا. پر 2012 جي بجيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر مسلم ليگ ن، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي موجودگيءَ ۾ ناڻي واري وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي تقرير نھ رڳو ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. بلڪه بجيٽ جاڪتاب ڦاڙي ڇڏيا ھئا. ڪجهه ميمبر وزير اعظم وٽ  اُلرون ڪندي پهچي ويا ھئا. کيس بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن انساني زنجير ٺاهي  ۽ پوءِ ڌڪ ڌڪان،لت مڪ، ماءُ تي ۽ ڀيڻ تي …گارين ۾ شروع ٿي ويا ھئا.

مزاج ايترو ته بي قابو ُھينِ بي وس  مخالف ڌر جو اڳواڻ چوڌري نثار علي خان به پنهنجي سيٽ تي مٿو پڪڙي ويهي رهيو ھو. تڏھن به اڄ وانگر ايوان جي ڪارروائي پرامن طريقي سان هلائڻ لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي ھئي.پر 10 سيپٽمبر تي پارليامينٽ هائوس جي احاطي ۾ گھڙي ڪري، پارليامينٽ جي ميمبرن کي کڻڻ جو واقعو پنهنجي نوعيت جي پهرين واردات  آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي بدران ماتحت ادارن جا ٻٽ ٻڌل ماڻهن  آئين جي ماءُ جي مٿي تان پوتي ڇڪي ورتي آھي.

بچاءَ وارو وزير خواجه آصف جنهن جي پارلياماني ٻولي جا چئن عالمن ۾ چرچا آهن. ان پارليامينٽ جي احاطي مان ميمبرن کي کنڀڻ کي غير معمولي واقعو سمجهڻ بدران ان کي سياسي ڇڪتاڻ جي تسلسل  جي ڪڙي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.آگسٽ 2014ع ۾ انھيءَ  پارليامينٽ جي لوھي واڙ  تي ڌوتل  ڪجهھ گنجين سڪائڻ واري مخالف ڌر پي ٽي آءِ  10 سيپٽمبر جي واردات کي جمهوريت جو نائن اليون  قرار ڏئي رهي آهي.تھ ٻئي طرف سرڪار ان کي ھڪ  اتفاقي واقعي کان وڌيڪ  اھميت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. انهن حالتن ۾ اسپيڪر اياز صادق جو پنهنجي ئي سيڪيورٽي  عملي تي علامتي ڪاوڙ ڪڍڻ به وڏي ڳالهه آهي. اوڌر ۾ مليل پارليامينٽ جو ڪسٽوڊين ، ٻيو ڪري بھ تھ  ڇا ڪري ؟

ننڍپڻ ۾ ماءُ  ڪڏھن ڪڏھن ابتي ٻھاري يا ڪپڙي ڌوئڻ جي ُڌڪي واري ڏنڊي سان مار ڪڍند ھئي تھ مان اڱڻ ۾ ٻڌل ٻڪري جا ڪن پٽي پاڻ کي ٿڌو ڪري وٺندو ھوس. هاڻي رڳو اهو فڪر آهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ آخري واقعو هجي. نھ تھ ايندڙ تصوير اها به ٿي سگهي ٿي ته ڪجهه پراسرار ماڻهو  ڀريل ايوان مان ڪجهه ميمبرن کي بغلن ۾ ھٿ وجھي ٻاھر وٺي وڃي رهيا آهن ۽ باقي ايم اين اي لاتعلق  بڻيل سوچي رهيا آهن ته خدا جو شڪر آهي ته هن ڀيري اسان نه آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.