سنڌ جي اسڪولن جي عمارتن جي زبون حالت

تحرير: غلام حسين جوڻو

گذريل ڪجهه سالن کان وٺي، اخبارن ۾ پڙهي رهيا آهيون ته سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن جي عمارتن جي زبون حالت آهي. ڇت جا چاپڙ هيٺ ڪري رهيا آهن. انهن عمارتن ۾ ويهڻ به خطرو آهي. اهي عمارتون هاڻ استعمال جي لائق ڪونه رهيون آهن. پر تازو رپورٽ اخبار ۾ پڙهيم جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، شڪارپور ضلعي جي 336 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ قرار ڏنيون ويون آهن. جن کي خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شڪارپور ضلعي ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعليٰ مثال قائم ٿي ويو آهي. جتي اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود اسڪولن جي حالت انتهائي خراب ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ 336 اسڪولي عمارتن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيئي خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

انهن اسڪولن جي ٻارن کي ٻين اسڪولن ۾ موڪلي سندن پڙهڻ جي عمل کي برقرار رکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙي رپورٽ سرڪاري طرح به جاري ڪئي وئي آهي. جيڪا چيف مانيٽرنگ آفيسر، ضلعي آفيسر ڊپٽي ڪمشنر کي ڏني آهي. هن رپورٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته، آئون پاڻ انهن اسڪولن جو دورو ڪندس جن جون عمارتون زبون ۽ خسته حالت ۾ آهن ۽ صورتحال جو جائزو وٺي سيڪريٽري تعليم کي آگاهي ڏيندس، رپورٽ موجب، تعليم کاتي طرفان اربين روپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ جو دعوائون پڌريون ٿي پيون آهن. ڄاڻايل ضلعي ۾ پراڻيون اسڪولي عمارتون موجود آهن جن جو ڪڏهن مرمتي ڪم به ڪونه ٿيو آهي. ضلعي اندر اهڙيون سوين عمارتون آهن. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي جي طرفان اسڪولن مٿان مقرر ڪيل چيف مانيٽرنگ آفيسر شائسته سنڌو هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ 300 پرائمري اسڪول، 19 مڊل اسڪول، 12 سيڪنڊري اسڪول ۽ 5 ايليمينٽري اسڪول شامل آهن. جن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح انهن خطرناڪ اسڪولن جو تعداد 336 ٿئي ٿو. انهن اسڪولن جو وڌيڪ تعداد ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ آهي. هن تعلقي ۾ اهڙا اسڪول 148 آهن. جڏهن ته لکي تعلقي ۾ 114 اسڪول آهن ٽيون نمبر خانپور تعلقو آهي هن تعلقي ۾ 38 اسڪول آهن ۽ شڪارپور تعلقي ۾ 27 اسڪول شامل آهن جن جي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي ويئي آهي. جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ڄاڻايل انگ اکرن ۾ ڪوبه مغالطو ڪونه آهي. اهي بلڪل درست آهن. هن رپورٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته مذڪوره عمارتون مڪمل طور تي خطرناڪ بنجي چڪيون آهن. جنهن ڪري اتي پڙهندڙ هزارين شاگرد غير محفوظ آهن. اسڪولن جو اسٽاف به خطرو محسوس ڪري رهيو آهي. جيڪو عمارتن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي.

سندن حياتين کي خطرو آهي. اهوئي سبب آهي جو ٻارڙن جي تعليم تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته، ورهين کان ڊولپمينٽ جي مد ۾ ايندڙ رقم اربين روپين جي بجيٽ مقامي سياسي بنگلن ۾ ورهائي وڃي ٿي. اسڪولن جي مرمت لاءِ نالي ماتر بجيٽ رکي اها به من پسند اسڪولن کي ڏني پئي وڃي. جنهن ڪري ڪيترن ئي اسڪولن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. اهڙا سوين اسڪول آهن جن جي عمارتن جي مرمت جو ڪم ٿي نه سگھيو آهي. هي، تمام وڏو معاملو آهي. پر، هتي به بجيٽ جي استعمال ۾ ميرٽ کي ڪونه ٿو ڏٺو وڃي. اقربا پروري جي بنياد تي بجيٽ استعمال ڪئي پئي وڃي. ان مان ثابت آهي ته تعليم کاتي جي ڪارڪردگي ناقص آهي ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي سو، گھٽ آهي. تعليم کاتي جي پت وائکي ٿي چڪي آهي. وزير تعليم جون دعوائون ڪابه اهميت ڪونه ٿيون رکن. اهي صرف سياسي بيان آهن. باقي ڪجهه به ڪونه آهي. اهڙن بيانن ۽ دعوائن مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿو ٿئي.

ان کان سواِءِ سنڌ جي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي شهرن دڙو، ٻنون،. لائقپور سميت چاليهن کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻيل آهن. شديد گرمين جي موسم ۾ به ٻار اس ۾ تعليم حاصل ڪندا رهيا. ڪن اسڪولن جو مرمتي ڪم مورڳو ڪونه ٿيو آهي. ته ڪن اسڪولن جو مرمتي ڪم اڌ ۾ رهيو پيو آهي. ٺيڪيدار مرمت جو ڪم مڪمل ڪري ڪونه سگھيا آهن ۽ غائب ٿي ويا آهن، ٽائون ڪميٽي دڙو سميت يونين ڪائونسل خان پور، ٻنون، بچل گگو، لائق پور، ڪنڊور، حسن پور، مراد پور، اڪبر شاهه، جهوڪ شريف جا ڪيترائي اسڪول زبون ٿي ويا آهن. جن جي مرمت ڪونه ڪرائي وئي آهي. اسڪولن جي ڪمرن ۾ ويهڻ سان استادن توڙي شاگردن کي خوف ٿئي ٿو. ڇت جا چاپڙ هيٺ ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري درس وتدريس جو ڪم ٺپ ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اطلاع آهن ته گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول هنڱورجا جي عمارت زبون ٿي ويئي آهي. تعليم کاتي جي نا اهلي ڪري اسڪول کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. اڏيرو لال ۾ به اسڪول جي عمارت جي حالت خسته ۽ زبون آهي. اها عمارت 1929ع ۾ تعمير ٿي هئي.

چوٽياريون  جي ڀرسان سرنواري اسڪول جي عمارت به زبون ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پيرو لاشاري ڀرسان ڳوٺ ميون ملوڪ جوڻيجو جي پرائمري اسڪول جي ڇت ڪمزور آهي. ڪنهن به وقت ڪري سگھي ٿي. ڪمرن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روزانه جو معمول بڻجي چڪو آهي. ڪنهن به وقت ڇت مڪمل طرح هيٺ ڪري سگھي ٿي. ان امڪان کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي ڪراچي جي سکيا ڳوٺ ۾ اسڪولي عمارت جي زبون حالت ٻڌائي پئي وڃي. تفصيل موجب ڪراچي ضلعي اوڀر سهراب ڳوٺ ٽائون سکيا ڳوٺ ۾ گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي حالت خراب آهي. ڇت مان چاپڙ ڪري رهيا آهن. ڪراچي شهر جي ٻين به ڪيترن ئي اسڪولن جي ساڳئي صورتحال آهي. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ هزارين اسڪول آهن جن جي ڇتين مان چاپڙ ڪري رهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪن هنڌن تي چاپڙ ڪرڻ سان معصوم ٻارڙا به زخمي ٿيا آهن.

سنڌ جا ڪيترائي ٻار آهن جيڪي اسڪول ڪونه ٿا وڃن. هو، اسڪولن کان ٻاهر آهن هاڻ، اسڪولن جي عمارتن جي زبون حالت جي ڪري، والدين بهانو بنائي کين اسڪول ڪونه ٿا موڪلين، کين خوف آهي ته ٻار ڪرندڙ عمارتن ۾ وڃن ۽ اتفاقي ڪو نقصان ٿي پوي. ان خطري کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي والدين پنهنجي اولاد کي اسڪول ۾ وڃڻ کان روڪين ٿا. هن وقت حالت اها آهي جو سنڌ جا هزارين اسڪول خسته حال ۾ آهن. انهن جي زبون حالت آهي. ڇتين مان چاپڙ ڪري رهيا آهن. جتي شاگرد توڙي اسڪول جو عملو به وڃڻ لاءِ تيار ۽ نروار ڪونه آهي. سڀڪو لهرائي پيو، اڳ ۾ ئي سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري ڏانهن وڃي رهي آهي. استاد محنت ڪري ڪونه ٿا پڙهائين. شاگردن به محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. هاڻ درس وتدريس جو ڪم نالي ماتر ٿئي پيو جيڪو نه هئڻ جي برابر آهي هتان جي تعليمي معيار تي تنقيد وڌندي پئي وڃي صرف امتحان جا نتيجا ظاهر ڪري خانه پوري ڪئي پئي وڃي. اها حالت وڌيڪ برقرار رهي ته علمي ۽ ادبي ماڻهن جو فقدان پيدا ٿي پوندو جيڪو هڪ مهذب ۽ تهذيب يافته قوم لاءِ وڏو داغ آهي. اهو هڪ سٺو سنوڻ ۽ عمل ڪونه هوندو. ان صورت ۾ صرف افسوس ئي ڪري سگھبو باقي ٻيو ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو.

هن وقت اطلاع ملي رهيا آهن ته، سنڌ جي تعليمي ادارن جون گھڻيون تڻيون عمارتون زبون ٿي چڪيون آهن. جن جي ٺهڻ کان پوءِ، وري ٻيهر مرمت جو ڪم  به ڪونه ٿيو آهي. مرمت جي مد ۾ تعليم کاتي کي ملندڙ رقم خبر ناهي ڪٿي استعمال ڪئي پئي وڃي. ڪنهن جي کيسي ۾ پئجي رهي آهي. سالياني بجيٽ ۾ اربين روپيا مختص ڪيا وڃن ٿا. سي ڪٿي به استعمال ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. ان طريقي سان قومي خزاني کي لٽيو پيو وڃي جيڪڏهن انهيءَ رقم جو صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ها ته يقين اٿئون ته بيان ڪيل عمارتن جو خراب حشر ڏسڻ ۾ ڪونه اچي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.