شڪارپور (رپورٽ؛ ذوالفقار مگسي ) شڪارپور شھر ۾ ڪجهھ وقت جي ٺاپر کان پوءِ ھڪ دفعو ٻيھر بدامني جي باھه ڀڙڪي اٿي، شڪارپور جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ اقبال شر واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان اقبال عرف بابو شر کي رئيس واھه ڀرسان ڏوھارين ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان مٿان فائرنگ ڪري ڏني نوجوان بابو شر کي گوليون ھڻي سبب سخت زخمي ڪرڻ بعد ڏوھاري موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد نوجوان کي موقعي تي موجود ماڻھن پاران سول اسپتال شڪارپور آندو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي نوجوان بابو شر زخمن جي سٽ نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف نوجوان جي وارثن ۽ شر برادري جي ماڻھن باءِ پاس روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ سخت نعريبازي ڪندا رھيا، جنھن بعد ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ۽ اي ايس پي سٽي ڌرڻي واري ھنڌ تي پھچي واقعي جا تفصيل ورتا ۽ مظاھرين کي خاطري ڪرائي ته واقعي ۾ ملوث جوابدان کي جلد گرفتار ڪيو ويندو جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٻئي واقعي ۾ شڪارپور شھر جي لکيدر ٿاڻي جي حد ۾ ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن سيمنٽ ڊيلر وسيم شيخ جي دڪان تان ھٿيارن جي زور تي ھڪ لک 50 ھزار کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.