حڪومت نوان ڊيم ٺاهي سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، حورالنساءَ  پليجو، عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت 30 نوان ڊيم ٺاهي سنڌ کي سڪائي بنجر بڻائڻ چاهي ٿي. 6 نوان ڪينال ۽ 30 نوان ڊيم خطي ۾ ماحولياتي تباهي آڻيندا. وفاقي وزير مصدق ملڪ مطابق هلندڙ مالي سال 30 ڊيمن لاءِ 10 کرب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. پيپلز پارٽي هنن نون ڪينالن ۽ ڊيمن جي منصوبن جي حمايت ڪري سنڌي قوم سان ڌوڪو ۽ فراڊ ڪيو آهي. پيپلز پارٽي نواز ليگ جي سنڌ دشمن منصوبن ۾ ساٿاري بڻيل آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهيا پيا وڃن. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کان سنڌي عوام کي مڪمل طور محروم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌي عوام کي متحد ۽ منظم ٿي ڀرپور جدوجهد ڪري سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جون زمينون بچائڻيون آهن. ٻي پاسي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌي ادبي سنگت جي اعلانيل احتجاج جي حمايت ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته ننگرپارڪر ۾ ٿيندڙ ريلي ۾ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا.

 

  • حيدرآباد ڊولپمنٽ اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي ڊگري ڪوڙي نڪتي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ مقرر اعليٰ آفيسرن جي جعلي ڊگرين جو معاملو  سنگين بڻجي ويو آهي.  حيدرآباد ڊولپمنٽ اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شيراز ڪاڪا جي ڊگري به ڪوڙي نڪتي آهي. ڊگري جي تصديق کانپوءِ ڊي جي ايڇ ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل شيراز ڪاڪا کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄام شوري سندس ڪوڙي ڊگري جي تصديق ڪري ڇڏي. 2007ع ۾ ڪوڙي ڊگريءَ تي نوڪري حاصل ڪندڙ شيراز ڪاڪا اهم عهدن تي مقرر رهيو. اينٽي ڪرپشن پاران نوٽيس ڏيڻ بعد جاچ شروع ڪئي وئي. شيراز ڪاڪا کي به فوري طور تي سرڪاري گاڏي به واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.