لاڙڪاڻو(س ر) لاڙڪاڻي شهر جي تعلقي ٿاڻي جي حد مري باءِ پاس واري علائقي مان تشدد ٿيل 50 سالن جي همراهه کي ريسڪيو1122 جي عملي زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو جتي علاج دوران پيرسن فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نصيرآباد واسي محمد موسيٰ سوهو طور ٿي آهي. ان حوالي سان تعلقي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته محمد موسيٰ سوهو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي نصيرآباد جو رهواسي آهي جيڪو 2 ڏينهن اڳ نصيرآباد مان گم ٿيو، جاچ ڪرڻ تي فوتي جي پٽ مجاهد ٻڌايو ته سندس والد کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي سندن جي ڪنهن سان ڪا به به دشمني ناهي .