دادو ويجهو جج جي اسڪواڊ ۾ شامل پوليس موبائل سان حادثو، 2 اهلڪار فوت، 3 زخمي

دادو/ميهڙ (نمائندن وٽان ) دادو ويجهو انڊس هاءِ وي تي خداآباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خير محمد پنهور لڳ عدالت جي هڪ جسٽس خادم حسين جي اسڪواڊ ۾ شامل ڊي ايس پي ميهڙ جي پوليس موبائيل  جيڪا جسٽس جي اسڪواڊ ۾ هئي تيز رفتاري سبب ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب هڪ وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائيل ۾ سوار پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا جنهن مان 2 پوليس اهلڪار موقعي تي فوت ٿي ويا جن جي سڃاڻپ روشن ڏيپر ۽ سائين رکيو جانوري طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي 3 پوليس اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو آندو ويو جن جي سڃاڻپ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر لعل بخش سولنگي، پوليس اهلڪار اياز ڪولاچي ۽ پوليس اهلڪار هشمت گاڏهي طور ٿي آهي، زخمين مان اياز ڪولاچي جيڪو پوليس موبائيل جو ڊرائيور ٻڌايو وڃي ٿو، حادثي ۾ فوت ٿيل اهلڪارن جا مڙھ پنهنجي اباڻي ڳوٺن تعلقي ميهڙ نيا ويا، فوت ٿي ويل جوانن جا مڙهه سندن اباڻي ڳوٺن ڏانهن روانا ڪرايا جڏهن ته زخمين کي تعلقي اسپتال سيوهڻ  وڌيڪ علاج لاءِ ريفر ڪيو ويو، اطلاع آهن ته جسٽس خادم حسين جيڪو لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهيو هو ان کي ڊي ايس پي ميهڙ جي موبائيل حادثي جو شڪار ٿي. روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل پوليس اهلڪارن جون آخري رسمون سرڪاري اعزاز سان ادا ڪيون ويون، ايس ايس دادو ۽ ٻين پوليس آفيسرن سميت تعلقي ميهڙ جي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.